حزقي ايل 47:18 - Muslim Sindhi Bible18 اوڀر طرف واري سرحد حوران ۽ دمشق جي وچ واري هنڌ کان ڏکڻ طرف ويندي اردن درياءَ تائين پهچندي. اتان اردن درياءُ خود سرحد ٿيندو جنهن جي اوڀر ۾ جِلعاد علائقو ۽ اولهہ ۾ بني اسرائيل جو ملڪ آهي. سو اوڀر طرف واري سرحد اتر واري حد کان وٺي کاري سمنڊ کان گذرندي ڏکڻ طرف تمر نالي جاءِ تائين هوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 ۽ اُڀرندي واري حد حوران ۽ دمشق ۽ جلعاد ۽ اسرائيل جي وچ ۾ يردن ندي ٿيندي: اُتر واري حد کان وٺي اُڀرندي واري سمنڊ تائين، اوهين ماپ ڪجو. اها آهي اُڀرندي پاسي جي حد. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ اتر کان حملي لاءِ ايندڙ وڏي لشڪر کي اوهان کان پري تڙي ڇڏيندس. آءٌ کين خشڪ بيابان ڏانهن ڀڄائي ڪڍندس. لشڪر جو اڳ وارو حصو کاري سمنڊ ۾، ۽ انهيءَ جو پٺ وارو حصو ڀونوچ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. انهن جي لاشن مان ڌپ ۽ بدبوءِ ڦهلجي ويندي. آءٌ انهن کي اهڙيءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي وڏو نقصان ڏنو آهي.