حزقي ايل 47:17 - Muslim Sindhi Bible17 سو اتر واري سرحد ڀونوچ سمنڊ کان اوڀر طرف حصرعينان شهر تائين هوندي، جتان اتر طرف دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 ۽ سمنڊ کان وٺي سرحد هيءَ ٿيندي، حصر عينان، دمشق جي سرحد تي، ۽ اُتر واري حد اُتر ڏانهن حمات جي سرحد آهي. اها آهي اُتر پاسي جي حد. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمايو تہ ”هر هڪ قبيلي کي ملڪ مان پنهنجو پنهنجو حصو ملندو، جيڪو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. انهن حصن جي ورهاست بني اسرائيل جي ملڪ جي اتر پاسي واري سرحد کان شروع ٿيندي، جيڪا ڀونوچ سمنڊ کان وٺي حتلون شهر جي رستي سان حمات لڪ کان ويندي حصرعينان شهر تائين هوندي، ۽ جنهن جي اتر ۾ دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. ملڪ جي اترئين علائقي ۾ جن قبيلن کي حصا ڏنا ويندا سي اتر واري سرحد کان ڏکڻ طرف ويندي ملڪ جي وچ واري حصي تائين هن ترتيب سان مقرر آهن: دان، آشر، نفتالي، منسي، افرائيم، روبن ۽ يهوداہ.“