حزقي ايل 47:13 - Muslim Sindhi Bible13-14 خداوند خدا بني اسرائيل جي ماڻهن کي فرمايو تہ ”مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ سندن اولاد کي ميراث طور عطا ڪندس. سو جڏهن اوهان بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ هي ملڪ ورهايو وڃي تڏهن انهيءَ کي هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو وڃي، جڏهن تہ بني يوسف جي قبيلي کي ٻہ حصا ڏنا وڃن. ملڪ جون سرحدون هن ريت هونديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هيءَ حد ٿيندي، جنهن موافق اوهين اسرائيل جي ٻارهن ئي فرقن موجب اها زمين ورثي ۾ ورهائي انهن کي ڏيندا. يوسف کي بہ حصا ملندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمايو تہ ”هر هڪ قبيلي کي ملڪ مان پنهنجو پنهنجو حصو ملندو، جيڪو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. انهن حصن جي ورهاست بني اسرائيل جي ملڪ جي اتر پاسي واري سرحد کان شروع ٿيندي، جيڪا ڀونوچ سمنڊ کان وٺي حتلون شهر جي رستي سان حمات لڪ کان ويندي حصرعينان شهر تائين هوندي، ۽ جنهن جي اتر ۾ دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. ملڪ جي اترئين علائقي ۾ جن قبيلن کي حصا ڏنا ويندا سي اتر واري سرحد کان ڏکڻ طرف ويندي ملڪ جي وچ واري حصي تائين هن ترتيب سان مقرر آهن: دان، آشر، نفتالي، منسي، افرائيم، روبن ۽ يهوداہ.“