Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 47:12 - Muslim Sindhi Bible

12 نديءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪنارن تي هر قسم جا ميويدار وڻ اڀري ايندا، جن جا نہ پن ڪومائبا ۽ نہ وري انهن جو ميوو کُٽندو. اهي هر مهيني تازو ڦر جھليندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ملندڙ پاڻي مقدس هيڪل کان وهي اچي ٿو. سو نہ رڳو انهن جو ميوو کاڌو ويندو، بلڪ انهن جا پن بہ بيمار ماڻهن جي شفا جي ڪم ايندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ نديءَ جي ڀرسان ان جي ڪناري تي ٻنهي پاسي هر قسم جا ميويدار وڻ اُڀرندا، جن جا پَن ڪين ڪومائبا، ۽ نہ انهن جو ميوو کٽندو: هر مهيني اُهي نئون ڦر ڪندا، ڇالاءِ جو انهي جا پاڻي پاڪ مڪان مان ٿا نڪرن: ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ايندو ۽ ان جا پن دوا جي ڪم ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 47:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن هر قسم جا سهڻا وڻ اُڀاريا ۽ منجھن سٺو ميوو بہ پيدا ڪيو. باغ جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻ هو جيڪو حياتي ڏيندڙ هو ۽ ٻيو اهڙو وڻ بہ هو جيڪو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ هو.


بدڪار ماڻهو انهن ٻوٽن وانگر اڀرن ٿا، جيڪي سٺي موسم ۾ وڌن ٿا. انهن ٻوٽن جيان جيڪي سڄي باغ ۾ پکڙجي ٿا وڃن.


اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.


سچار ماڻهو کجيءَ جي وڻ جيان ڦلدار آهن. اهي لبنان واري ديال جي وڻ جيان پيا وڌندا ۽ مضبوط ٿيندا.


پيرن جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين اوهان جي بدن ۾ ڪا تندرستي ڪانهي، بلڪ رڳو زخم، گھاءَ ۽ رت ڳاڙيندڙ ڦٽ آهن، جن کي نہ زور ڏيئي صاف ڪيو ويو آهي، نہ پٽي ٻڌي ويئي اٿن، ۽ نہ وري مٿن ڪا ملم ئي لڳائي ويئي آهي.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.


اهي انهيءَ وڻ وانگر ٿيندا، جيڪو نديءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جنهن جون پاڙون هيٺ پاڻيءَ تائين ٿيون پهچن. ان کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي، انهيءَ جا پن سدائين ساوا رهندا آهن. اهو سدائين ميوو ڏيندو رهندو آهي، سو خشڪ ساليءَ ۾ بہ انهيءَ کي ڪا ڳڻتي نہ هوندي آهي.“


جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟ اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟ پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.


جڏهن آءٌ موٽي ڪناري تي آيس تہ ڇا ڏسان تہ نديءَ جي ٻنهي طرفن وارن ڪنارن تي تمام گھڻا وڻ بيٺل آهن.


انهيءَ شهر جي سڙڪ جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي زندگي ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀني قومن کي شفا ٿي ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ