Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 47:10 - Muslim Sindhi Bible

10 عين‌جديءَ جي چشمي کان وٺي عين‌عجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ هيئن ٿيندو تہ مڇي مارڻ وارا انهي جي ڀرسان بيهندا: عين جديءَ کان وٺي عين عجليم تائين ڄارن پکيڙڻ جي جاءِ ٿيندي؛ انهن جي مڇي بہ انهن ئي جي قسمن جي ٿيندي، ۽ وڏي سمنڊ جي مڇيءَ وانگر تمام گهڻي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 47:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو موٽي عين‌مِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصون‌تمر ۾ رهندا هئا.


تڏهن ڪن ماڻهن اچي يهوسفط کي ٻڌايو تہ ”کاري سمنڊ جي پرينءَ ڀر ادوم کان هڪڙو وڏو لشڪر توهان تي ڪاهيو ٿو اچي. اهي حصيصون‌تمر (يعني عين‌جديءَ) تي اڳ ۾ ئي قبضو ڪري چڪا آهن.“


ساڳيءَ طرح هي سمنڊ پڻ ڪيڏو نہ وڏو ۽ ويڪرو آهي! جنهن ۾ ننڍا وڏا بي‌شمار چرندڙ ڦرندڙ جاندار ملن ٿا.


نيل نديءَ جي مڇيءَ تي گذران ڪندڙ مهاڻا روئندا رڙندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪُنڍيون توڙي ڄار بيڪار پيا هوندا.


ڏسو، منهنجي قوم جا ماڻهو تمام پري کان ايندا، ڪي اتر کان ايندا تہ ڪي اولهہ کان، ۽ ڪي وري مصر جي ڏکڻ واري علائقي اسوان کان ايندا.“


هائو، تنهنجا ٻار جيڪي جلاوطنيءَ دوران پيدا ٿيا هئا، سي اڳتي هلي تو کي چوندا تہ ’هيءَ زمين تمام ٿوري آهي، اسان کي رهڻ لاءِ وڌيڪ جاءِ کپي.‘


آءٌ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس، جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا. تو کي وري ڪڏهن بہ نہ اڏيو ويندو.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ اهڙو ٻيٽ بڻجي ويندين، جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي. هائو، اي صور شهر! تو کي قومون پيون لٽينديون ڦرينديون،


اتر پاسي واري سرحد ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اوڀر ڏانهن حتلون شهر جي رستي حمات لڪ کان ويندي صداد شهر تائين،


ڏکڻ پاسي واري سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


جد جي حصي جي ڏکڻ پاسي ملڪ جي سرحد هوندي. اها سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


سمنڊ جو ڪنارو اوهان جي لاءِ اولهہ واري سرحد ٿيندي.


عيسيٰ انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“


نبسان، لوڻ جو شهر ۽ عين‌جدي، ڪل ڇهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


هي قومون جيڪي باقي بچيون آهن تن جي زمين ۽ پڻ انهن قومن جي زمين جن کي مون فتح ڪيو آهي، اردن درياءَ کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين، سا اوهان جي قبيلن کي مون ورثي طور ورهائي ڏني آهي.


پوءِ دائود اتان نڪري عين‌جديءَ جي پهاڙي علائقي ۾ وڃي رهڻ لڳو.


سائول جڏهن فلستين سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ موٽيو، تڏهن ماڻهن ٻڌايس تہ ”دائود عين‌جديءَ جي رڻ‌پٽ ۾ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ