حزقي ايل 47:1 - Muslim Sindhi Bible1 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون حزقيايل کي موٽائي هيڪل جي عمارت جي دروازي وٽ آندو. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ دروازي جي چانئٺ هيٺان ڏکڻ واري پاسي کان چشمي جو پاڻي نڪري هيڪل جي اڳيان اڳيان اوڀر طرف ڏانهن وهندي قربانگاهہ جي ڏکڻ کان ٿيندو اڳتي وهندو ٿي ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 ۽ هن مون کي موٽائي گهر جي در تي آندو؛ ۽ ڏس اُڀرندي ڏانهن گهر جي چانئٺ جي هيٺان پاڻي ٿي نڪتا، ڇالاءِ جو گهر جو اڳ اُڀرندي ڏانهن هو: ۽ پاڻي گهر جي ساڄي پاسي کان قربانگاهہ جي ڏکڻ پاسي هيٺان ئي هيٺان ٿي لٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“
انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.