حزقي ايل 46:2 - Muslim Sindhi Bible2 حڪمران هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ جي هال ۾ داخل ٿئي ۽ لنگھہ جي اندرين دروازي جي چانئٺ وٽ بيٺو رهي. ڪاهن هن جي طرفان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪن. تڏهن حڪمران دروازي جي چانئٺ وٽ مون کي سجدو ڪري ۽ پوءِ هو واپس ٻاهر هليو وڃي. اهو لنگھہ شام تائين کُليل رهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 ۽ بادشاهہ ٻاهرين در جي اڳ واري ايوان جي رستي ايندو، ۽ در جي ٿنڀ وٽ بيهندو، ۽ ڪاهن هن جي سوختني قرباني ۽ هن جون سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندا، ۽ هو پاڻ در جي چانئٺ وٽ سجدو ڪندو ۽ پوءِ هليو ويندو: پر در شام تائين بند نہ ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“
ملڪ جو حڪمران جڏهن بہ منهنجي حضور ۾ پنهنجي مرضيءَ سان قربانيءَ طور ساڙڻ واري قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ چاهي، تڏهن هن لاءِ اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ کوليو وڃي. هو پنهنجيون اهي قربانيون اهڙيءَ طرح پيش ڪري جيئن سبت جي ڏينهن تي پيش ڪندو هجي. تنهن کان پوءِ هو موٽي وڃي ۽ سندس ٻاهر نڪرڻ سان ئي لنگھہ بند ڪيو وڃي.“