Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 45:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا بادشاهہ اوهان جي لاءِ بس آهي، ظلم ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏيو، ۽ عدل ۽ انصاف ڪريو؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي قوم تان پنهنجون تنگ طلبيون لاهي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 45:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو هنن غريبن جو حق ماريو آهي، ۽ سندن ڪو خيال نہ ڪيو اٿائون. هنن زور زبردستيءَ سان گھر قبضي ڪيا آهن، جيڪي پاڻ تعمير نہ ڪيا هئائون.


تو رنن‌زالن کي خالي هٿين ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن کي لٽي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏيو اٿيئي.


اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رنن‌زالن سان انصاف ڪريو.“


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي، تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي هر وقت تازو رکيو ٿو اچي. انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا. مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن.


تون بني اسرائيل جي فسادي قوم کي مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان جا ڪراهت جهڙا ڪم حد کان وڌي ويا آهن.


ظلم جي وڌڻ سان هر قسم جي بدڪاري وڌي ويئي آهي. سو اوهان مان ڪوبہ انهيءَ جي سزا مان بچي نہ نڪرندو. نہ اوهان جا ڪٽنب قبيلا رهندا، نہ مال وَ دولت، نہ ئي وري اوهان جو شان وَ شوڪت رهندو.


اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو ملڪ ۾ گناهہ وڌي ويا آهن، هائو، هر هنڌ ظلم ئي ظلم لڳو پيو آهي، ۽ ناحق ماڻهو ماريا ٿا وڃن.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ يهوداہ وارن جي نظر ۾ تہ اهي معمولي ڳالهيون آهن جو هو هتي ڪراهت وارا ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ ظلم وَ زبردستي برپا ڪري ڇڏي اٿن. پر هاڻي انهن ڪمن کان وڌيڪ ڪيئن نہ هو منهنجي هيءَ بي‌حرمتي ڪري مون کي چڙ ٿا ڏيارين ۽ مون کي وري غضبناڪ ڪيو اٿائون.


بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.


انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.


اوهين مردن جي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي قوم جي عورتن کي سندن پيارن گھرن مان تڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سندن ننڍڙن ٻارن کان منهنجيون ڏنل سهولتون کسي ٿا وٺو، جنهن ڪري اهي ٻار اڳتي وڌي نہ ٿا سگھن.


بدڪار ماڻهن پنهنجن گھرن ۾ بي‌ايمانيءَ سان حاصل ڪيل خزانا گڏ ڪري رکيا آهن. هو ماپ تور جا کوٽا پئمانا استعمال ٿا ڪن، جن کان مون کي نفرت آهي.


هاڻي اوهان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي جو هڪٻئي سان سچ ڳالهايو ۽ پنهنجين عدالتن ۾ حق ۽ سچ وارا فيصلا ڪريو تہ جيئن امن وَ سلامتي قائم رهي.


سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بت‌پرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ