Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 45:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ وچ واري مخصوص ايراضيءَ ۽ شهر واري حصي کان سواءِ حڪمران جي زمين وارو حصو ملڪ جي اوڀر واري سرحد کان اولهہ واري سرحد تائين ايترو ڊگھو هوندو جيترو هر قبيلي کي ڏنل حصو هوندو. اها زمين بني اسرائيل جي ملڪ جي هر حڪمران جي هوندي. سو اهي اڳتي منهنجي قوم کان زمين کسي وري ظلم نہ ڪندا ۽ سڀني ماڻهن کي سندن ملڪ اندر ڏنل علائقن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان رهڻ ڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اُنهي زمين ۾، اُها اسرائيل ۾ سندس موروثي ملڪيت ٿيندي، ۽ منهنجا بادشاهہ وري اڳتي منهنجي قوم تي ظلم نہ ڪندا، پر هو اها زمين اسرائيل جي گهراڻي کي سندن فرقن موجب ڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 45:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بي‌عقل حڪمران ناجائزي ڪري وڏو ظلم ٿو ڪري. مگر جيڪو ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت ٿو ڪري، سو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس. اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


انهيءَ پنهنجي ٻچن مان هڪڙي کي پالي وڏو ڪيو، ۽ شڪار ڪرڻ سيکاريائينس. اهو جوان ٿي ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو.


هن ڪيئي قلعا تباهہ ڪيا ۽ شهرن کي برباد ڪري ڇڏيو، هن جي گجگوڙ وارو آواز ٻڌي، ملڪ جو هر ڪو رهاڪو ڏڪي ويندو هو.


بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.


ڏس، اي يروشلم! بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ پنهنجي پنهنجي طاقت آهر تو منجھہ رت وهائڻ ۾ مشغول آهن.


حڪمران جيڪو ورثو پنهنجي پٽن کي ڏيڻ چاهي، سو خود سندس لاءِ وقف ڪيل زمين مان ئي هجي. ائين نہ ٿئي جو هو رعيت کي سندن موروثي زمين کان بي‌دخل ڪري سندن اهو ورثو پاڻ حاصل ڪري. اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي زمين کان بي‌دخل نہ ڪيو وڃي.“


اهي باقي بچيل بني اسرائيل بڇڙا ڪم نہ ڪندا، هو ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائيندا، نہ وري هو ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪندا. هو سڪون سان کائيندا پيئندا ۽ ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.“


پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بي‌عزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟


اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


جڏهن هنن اها زمين ورثي طور ورهائي پوري ڪئي، تڏهن بني اسرائيل پنهنجي وچ ۾ هڪڙو حصو يشوع بن نون کي ملڪيت ڪري ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ