Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 45:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري قربانيءَ جو ڪجھہ رت کڻي هيڪل جي عمارت جي سردرن تي، قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن تي ۽ اندرين اڱڻ جي لنگھن وارن اندرين سردرن تي لڳائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ ڪاهن گناهہ جي قربانيءَ جو رت کڻي گهر جي در جي ٿنڀن تي، ۽ قربانگاهہ جي طاقيءَ جي چئني ڪُنڊن تي، ۽ اندرئين ايوان جي در جي ٿنڀن تي ڇاٽاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 45:19
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي، وچين حصي جي چئني ڪنڊن ۽ چوڌاري واري ڪناري تي ڇٽڪاريو وڃي. اهڙيءَ طرح اها قربان‌گاهہ پاڪ ٿي ويندي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ پليتي نہ رهندي.


قربان‌گاهہ جو پهريون حصو بنياد کان هڪ ميٽر اوچو هو. قربان‌گاهہ جو ٻيو حصو پهرئين حصي جي ڪناري کان چوڌاري اڌ ميٽر اندر هو ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ ميٽر هئي. انهيءَ کان پوءِ وارو حصو پڻ ٻئي حصي جي ڪناري کان چوڌاري اڌ ميٽر اندر هو.


قربان‌گاهہ جو وچون حصو پڻ چورس هو ۽ ان جي چئني پاسن جي ماپ ست ست ميٽر هئي. ان جي ٻاهران چوڌاري ڇيڙن وٽ ڪناري ٺهيل هئي جنهن جي ويڪر ميٽر جو چوٿون حصو هئي. جڏهن تہ قربان‌گاهہ جي بنياد وٽ جيڪا نالي هئي سا اڌ ميٽر اونهي هئي. قربان‌گاهہ جي مٿئين حصي تائين چڙهڻ لاءِ اوڀر طرف کان ڏاڪا ٺهيل هئا.


جيڪي ڪاهن مون پنهنجي حضور ۾ حاضر رهي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيا آهن، سي لاوي قبيلي مان صدوق جي نسل وارا آهن. سو قربان‌گاهہ جي وقف ڪرڻ وقت تون کين هڪڙو وهڙو ڏجانءِ جيڪو انهن لاءِ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربان ڪيو وڃي.


خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! هيڪل جي اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ ڪم ڪار وارا ڇهہ ئي ڏينهن بند رهڻ گھرجي. پر سبت جي ڏينهن تي توڙي نئين چنڊ واري ڏينهن تي اهو لنگھہ بني اسرائيل جي حڪمران لاءِ کوليو وڃي.


حڪمران هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ جي هال ۾ داخل ٿئي ۽ لنگھہ جي اندرين دروازي جي چانئٺ وٽ بيٺو رهي. ڪاهن هن جي طرفان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪن. تڏهن حڪمران دروازي جي چانئٺ وٽ مون کي سجدو ڪري ۽ پوءِ هو واپس ٻاهر هليو وڃي. اهو لنگھہ شام تائين کُليل رهي.


اهڙيءَ طرح هو مقدس ترين جاءِ جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪين، سندن نافرمانين ۽ سڀني گناهن جي ڪري ڪفارو ادا ڪري. سو هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ائين ڪري، ڇوجو اهو خيمي‌گاهہ اندر سندن ناپاڪين جي وچ ۾ کوڙيو وڃي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ