Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 45:18 - Muslim Sindhi Bible

18 خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! نئين سر بحاليءَ کان پوءِ هر سال پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي هڪڙو بي‌عيب وهڙو قربان ڪري مقدس هيڪل کي پاڪ ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پهرين مهيني جي پهرين تاريخ، تون هڪڙو بي عيب وهڙو وٺج؛ ۽ پاڪ مڪان کي صاف ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 45:18
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”هي مهينو اوهان جي لاءِ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.


”تون پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو يعني مون سان ملاقات وارو خيمو کڙو ڪرائج.


جيڪي ڪاهن مون پنهنجي حضور ۾ حاضر رهي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيا آهن، سي لاوي قبيلي مان صدوق جي نسل وارا آهن. سو قربان‌گاهہ جي وقف ڪرڻ وقت تون کين هڪڙو وهڙو ڏجانءِ جيڪو انهن لاءِ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربان ڪيو وڃي.


انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي، وچين حصي جي چئني ڪنڊن ۽ چوڌاري واري ڪناري تي ڇٽڪاريو وڃي. اهڙيءَ طرح اها قربان‌گاهہ پاڪ ٿي ويندي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ پليتي نہ رهندي.


ٻئي ڏينهن هڪڙو بي‌عيب ڇيلو آڻي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪيو وڃي. انهيءَ جي رت سان قربان‌گاهہ کي بلڪل ساڳئي نموني پاڪ ڪيو وڃي جيئن وهڙي جي رت سان پاڪ ڪيو ويو هو.


جڏهن قربان‌گاهہ پاڪ ٿي وڃي تڏهن هڪڙو ٻيو بي‌عيب وهڙو ۽ هڪڙو بي‌عيب گھٽو آڻي قربان ڪيا وڃن.


اهڙيءَ طرح ستن ڏينهن تائين ڪاهن قربانيون ڪندي قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪري منهنجي لاءِ مخصوص ڪن.


وري ساڳئي مهيني جي ستين تاريخ تي بہ ساڳيءَ طرح ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪنهن جي خطا وچان يا اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪو گناهہ ٿيو هجي. اهڙيءَ طرح هيڪل کي پاڪ ڪيو وڃي.


خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! هيڪل جي اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ ڪم ڪار وارا ڇهہ ئي ڏينهن بند رهڻ گھرجي. پر سبت جي ڏينهن تي توڙي نئين چنڊ واري ڏينهن تي اهو لنگھہ بني اسرائيل جي حڪمران لاءِ کوليو وڃي.


اهڙيءَ طرح هو مقدس ترين جاءِ جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪين، سندن نافرمانين ۽ سڀني گناهن جي ڪري ڪفارو ادا ڪري. سو هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ائين ڪري، ڇوجو اهو خيمي‌گاهہ اندر سندن ناپاڪين جي وچ ۾ کوڙيو وڃي ٿو.


مقدس ترين جاءِ، قربان‌گاهہ، بلڪ مون خدا سان ملاقات واري پوري خيمي ۽ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪو عيب وارو جانور پيش ڪري تہ مون خداوند وٽ اهو هن جي طرفان قبول نہ پوندو.


پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ