Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 45:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ انهيءَ حڪمران جو اهو فرض ٿيندو تہ هر عيد، نئين چنڊ ۽ هر سبت جي موقعي تي بلڪ بني اسرائيل قوم جي سڀني مقرر ڏينهن تي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ اوتڻ واريون قربانيون مهيا ڪري. تنهن کان علاوہ بني اسرائيل قوم جي گناهن جي ڪفاري لاءِ هن کي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون، اناج جون قربانيون، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون مهيا ڪرڻيون پونديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ پوءِ اهو انهي حاڪم جو فرض ٿيندو تہ سوختني قربانيون کاڌي جون قربانيون ۽ پيئڻ واريون قربانيون، عيدن تي، ۽ نوَن چنڊن تي، ۽ سبتن تي، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي مقرر ڪيل سڳورن ڏينهن تي ڏئي: هو گناهہ جي قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڪفارو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 45:17
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان بعد هن بني اسرائيل قوم جي سڄي ميڙ ۾ کاڌو ورهايو ۽ مردن توڙي عورتن مان هر هڪ کي هڪ ماني، گوشت جو هڪڙو ٽڪر ۽ ڪشمش جي هڪ هڪ ٽڪي ڏني. پوءِ هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.


يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ سڀني ماڻهن لاءِ هڪ هزار ڍڳا ۽ ست هزار رڍون ٻڪريون مهيا ڪري ڏنيون ۽ اميرن کين هڪ هزار ڍڳا ۽ ڏهہ هزار رڍون ٻڪريون ڏنيون. تنهنڪري انهن هيترين قربانين پيش ڪرڻ لاءِ ڪاهنن جي وڏي تعداد پاڻ کي پاڪ ڪيو.


بادشاهہ پنهنجي چوپائي مال مان ساڙڻ وارين قربانين لاءِ جانور ڏيندو هو. اهي جانور خداوند جي شريعت مطابق صبح ۽ شام وارين قربانين لاءِ، سبت تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ جي قربانين لاءِ، ۽ مقرر عيدن تي قربانين لاءِ پيش ڪرڻا هئا.


بادشاهہ سليمان ۽ وٽس گڏ ٿيل سڀني ماڻهن عهد واري صندوق جي اڳيان بيهي بي‌شمار رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا قربان ڪيا.


تڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي گھراڻن جا وڏا، ڪاهن، لاوي ۽ اهي شخص جن جي دل ۾ خدا اها ڳالهہ وڌي تہ وڃي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل تعمير ڪجي، سي سڀيئي تيار ٿيا.


دنيا جو هر فاني انسان رڳو کيس ئي سجدو ڪندو. بيشڪ خاڪ ۾ وڃي ملڻ وارا سڀ سندس آڏو جھڪندا، هائو، اهي سڀ جيڪي موت کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن.


هو بلند جبل تي چڙهي آيو، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي آيو. هن ماڻهن کان خراج ورتو آهي، بلڪ انهن فسادين کان بہ ورتو اٿائين، جن نہ ٿي چاهيو تہ خداوند خدا اُتي رهي.


هر نئين چنڊ جي عيد ۽ هر سبت جي ڏينهن تي، هر قوم جا ماڻهو مون خداوند جي عبادت ڪرڻ واسطي يروشلم ۾ منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿيندا.


جڏهن اهي ست ڏينهن پورا ٿي وڃن، تڏهن اٺين ڏينهن کان ڪاهن ٻين ماڻهن جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واسطي قربانيون پيش ڪرڻ شروع ڪن. تڏهن آءٌ اوهان سڀني بني اسرائيل وارن تي راضي ٿيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


ماڻهن جا جيڪي ڌڻ سرسبز چراگاهن ۾ آهن تن جي هر ٻہ سؤ رڍن مان هڪڙو گھيٽو نذراني طور پيش ڪيو وڃي. اهي نذرانا اناج جي قربانين، ساڙيون ويندڙ قربانين ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ڏنا وڃن تہ جيئن انهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! هيڪل جي اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ ڪم ڪار وارا ڇهہ ئي ڏينهن بند رهڻ گھرجي. پر سبت جي ڏينهن تي توڙي نئين چنڊ واري ڏينهن تي اهو لنگھہ بني اسرائيل جي حڪمران لاءِ کوليو وڃي.


جيڪڏهن قوم مان ڪو ٻيو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري بڻجي وڃي جنهن جي مون خداوند منع ڪئي آهي،


ڇهين ڏينهن تي اٺ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بي‌عيب هجن.


هن جي انهيءَ ڀرپوريءَ مان اسان سڀني کي فضل پٺيان فضل مليو آهي.


اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


اسان ايمان وارن جي تہ هڪ اهڙي قربان‌گاهہ آهي، جنهن مان مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ