Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 45:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمايو تہ ”جڏهن بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ سندن ملڪ جي زمين ورهائي وڃي، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ نذراني طور مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڏکڻ کان اتر طرف ڏهہ ڪلوميٽر هجي. اها سڄي ايراضي مون لاءِ مخصوص هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهن کانسواءِ جڏهن اوهين ورثي جي لاءِ ڪُڻن سان زمين ورهائيندا، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ ڪري خداوند جي لاءِ وقف جو نذرانو ڪري ڏجو: ان جي ڊيگهہ پنجويهہ هزار ڪانا هجي، ۽ ويڪر ڏهہ هزار: اُها چوڌاري ان جي سرحدن ۾ پاڪ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 45:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.


هن ماپ وارو ڪانو کڻي هيڪل جي چوديواريءَ جو اوڀر وارو پاسو ماپيو، جيڪو ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر هو.


سو اهڙي نموني سان اوهين ملڪ جي ورهاست ڪجو. بني اسرائيل جي هر قبيلي لاءِ اهڙيءَ طرح الڳ الڳ حصو ميراث طور ورهايو وڃي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”زمين هميشہ جي لاءِ نہ وڪي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اها منهنجي آهي ۽ اوهين مون وٽ رڳو مسافر ۽ مهمان آهيو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”اهو آهي اُهو ملڪ جيڪو اوهين پاڻ ۾ پُکن رستي ورثي طور ورهائيندا. اهو ملڪ خداوند ساڍن نون قبيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.


لبنان کان مسرفات‌المائم تائين جابلو علائقن جي سڀني رهاڪن کي صيدانين سميت، آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان سندن علائقي مان ڀڄائي ڪڍندس. تون رڳو اهو ملڪ ورهائي بني اسرائيل کي ورثي طور ڏي، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي.


سو هاڻ اهو ملڪ تون انهن باقي نون قبيلن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ورهائي ڏي.“


هي اُهي علائقا آهن جيڪي بني اسرائيل کي ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثي طور مليا. اُهي علائقا اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کين ورهائي ڏنا.


سندن اهو ورثو ڪڻن جي ذريعي انهن ساڍن نون قبيلن کي ورهائي ڏنو ويو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.


موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ