حزقي ايل 44:3 - Muslim Sindhi Bible3 تنهن هوندي بہ وقت جي حڪمران کي منهنجي حضور ۾ نذرانو ڪيل قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ انهيءَ لنگھہ ۾ اچڻ گھرجي. پر هو رڳو ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ واري هال وٽان اچي وڃي سگھي ٿو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 باقي بادشاهہ، سو خداوند جي اڳيان ماني کائڻ لاءِ بادشاهہ ٿي انهي ۾ ويهندو؛ هو در جي اڳئين ايوان مان اندر ايندو ۽ وري ساڳئي رستي ٻاهر ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“
ملڪ جو حڪمران جڏهن بہ منهنجي حضور ۾ پنهنجي مرضيءَ سان قربانيءَ طور ساڙڻ واري قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ چاهي، تڏهن هن لاءِ اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ کوليو وڃي. هو پنهنجيون اهي قربانيون اهڙيءَ طرح پيش ڪري جيئن سبت جي ڏينهن تي پيش ڪندو هجي. تنهن کان پوءِ هو موٽي وڃي ۽ سندس ٻاهر نڪرڻ سان ئي لنگھہ بند ڪيو وڃي.“