حزقي ايل 43:7 - Muslim Sindhi Bible7 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تختگاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بيحرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 ۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.