Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 43:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هيءَ رويا بلڪل انهيءَ رويا وانگر هئي، جيڪا مون انهيءَ وقت ڏٺي هئي جڏهن خداوند يروشلم کي برباد ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ انهيءَ رويا وانگر پڻ هئي جيڪا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن مون هڪدم پنهنجو سر زمين تي رکي سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ اُهو مون انهي رويا موافق ٿي ڏٺو، هائو، انهي رويا وانگر ٿي ڏٺم جڏهن آءٌ اهو شهر ناس ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ اُهي رويا بہ اُنهي رويا جهڙا هئا، جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 43:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ياد رک، اڄ مون تو کي قومن ۽ حڪومتن تي اختيار ڏنو آهي تہ تون کين پاڙؤن پٽين، ڀڃين ڊاهين، اونڌو يا ناس ڪرين، يا وري کين اڏائين ۽ آباد ڪرين.“


تڏهن آءٌ هڪدم اٿيس ۽ نڪري ماٿريءَ ۾ آيس. اتي مون کي خداوند جي جلوي جي تجلي ڏسڻ ۾ آئي، جهڙي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن آءٌ زمين تي منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي اتر واري لنگھہ کان هيڪل جي عمارت جي اڳيان وٺي آيو. مون جيئن ئي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ خداوند جي هيڪل خداوند جي تجليءَ سان ڀري پيئي آهي. تڏهن آءٌ هڪدم منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.


اتي مون تجليدار روشني ڏٺي، جنهن مان بني اسرائيل جي خدا جو جلوو ظاهر ٿي ٿيو، جيئن مون اڳ رويا ۾ ڪبار نهر جي ڀرسان ميدان منجھہ ڏٺو هو.


پوءِ مون وڏي آواز ۾ خداوند جي هڪل ٻڌي تہ ”اي اوهين! جن کي يروشلم شهر جي برباديءَ لاءِ چونڊيو ويو آهي، سي شهر ڏانهن هليا اچو. اوهين پنهنجا موتمار هٿيار پاڻ سان کنيو اچو.“


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


تڏهن مون ڏٺو تہ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني، جيڪا مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق مٿان هئي، سا اتان نڪري هيڪل جي دروازي وٽ آئي. پوءِ خداوند انهيءَ عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي سڏيو، جنهن کي ڪاتبن وارو قلمدان چيلهہ سان ٻڌل هو.


پوءِ مون ٻڌو تہ خداوند ٻين ڇهن ماڻهن کي فرمايو تہ ”اوهين هن جي پٺيان شهر وچان لنگھي وڃو ۽ قتلام ڪريو. اوهين ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيو، نڪي ڪنهن تي ڪو رحم ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ