Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 43:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيئن ئي مون نهاريو تہ مون کي بني اسرائيل جي خدا جو جلوو اوڀر طرف کان ايندو نظر آيو. خدا جي اچڻ جو آواز سمنڊ جي گجگوڙ جيان ٻڌڻ ۾ آيو. ڌرتي سندس جلوي جي تجليءَ سان چمڪڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال اُڀرندي پاسي کان آيو: ۽ هن جو آواز گهڻين پاڻين جي آواز جهڙو هو: ۽ زمين هن جي جلال سان چمڪڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 43:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آہ! گھڻين قومن جو گوڙ شور ٻڌڻ ۾ پيو اچي، جيڪي سمنڊ جي گجگوڙ وانگر گجن ٿيون. آہ! اهي وڏي ٻوڏ وانگر شور مچائينديون ٿيون اچن.


اهي هڪٻئي کي سڏي چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، قادرِمطلق خداوند بلڪل پاڪ آهي، سڄي ڌرتي سندس جلال سان ڀرپور آهي.“


جڏهن اهي ساهوارا هليا ٿي تڏهن انهن جي پرن جو آواز ائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ، يا جيئن وڏي لشڪر جو گوڙ شور، يا جيئن قادرِمطلق خدا جو آواز. وري جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن انهن پنهنجا پر پنهنجي بدن سان وڪوڙي ٿي ڇڏيا.


جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ. خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقي‌ايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي.


ان وقت خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني پردار آسماني مخلوق تان مٿي کڄي ويئي ۽ هيڪل جي دروازي وٽ اچي بيٺي. تڏهن سڄي هيڪل ڪڪر سان ڀرجي ويئي ۽ ان جو پهريون اڱڻ خداوند جي جلوي جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو.


خداوند جي ڳالهائڻ کان پوءِ پردار آسماني مخلوق پنهنجا پر پکيڙي اڏامڻ شروع ڪيو ۽ ڦيٿا بہ ساڻن گڏ هئا. بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني بہ سندن مٿان هئي.


پوءِ خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني يروشلم شهر کي ڇڏي رواني ٿي ۽ يروشلم جي اوڀر طرف واري زيتون نالي جبل ڏانهن هلي ويئي.


تڏهن آءٌ هڪدم اٿيس ۽ نڪري ماٿريءَ ۾ آيس. اتي مون کي خداوند جي جلوي جي تجلي ڏسڻ ۾ آئي، جهڙي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن آءٌ زمين تي منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.


خداوند جي تجلي انهيءَ اوڀر واري دروازي مان هيڪل جي چوديواريءَ کان اندر گھڙي ويئي.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”هي لنگھہ بند رهندو ۽ ڪڏهن بہ نہ کلندو. هائو، ڪنهن بہ انسان کي انهيءَ مان اچڻ وڃڻ جي اجازت نہ هوندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ منجھان داخل ٿيو آهيان. سو اهو بند رهندو.


تڏهن مون ڏٺو تہ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني، جيڪا مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق مٿان هئي، سا اتان نڪري هيڪل جي دروازي وٽ آئي. پوءِ خداوند انهيءَ عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي سڏيو، جنهن کي ڪاتبن وارو قلمدان چيلهہ سان ٻڌل هو.


ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي.


خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو، اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي. هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو ۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.


هن جو نور سج جي روشنيءَ جيان آهي، سندس هٿ مان تجلا پيا نڪرن، جنهن ۾ هن جي قدرت لڪل آهي.


يسعياہ هي انهيءَ لاءِ چيو هو جو هن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو هو ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائين.


انهيءَ جا پير صاف پتل جهڙا هئا جيڪو ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل هجي. سندس آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو هو.


ان وقت مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا.


ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جلوي جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي.


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي.


پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آهي، تنهن جي بادشاهي زمين تي قائم ٿي ويئي آهي.


اُن ۾ خدا جو جلوو هو ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور.


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ