Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 43:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ اهو ماڻهو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي انهيءَ لنگھہ وٽ وٺي آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ هن مون کي دروازي وٽ آندو، يعني اُهو دروازو جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 43:1
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهن پنهنجا پر پکيڙيا ۽ منهنجي ڏسندي ئي اهي زمين تان مٿي چڙهي ويا ۽ سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا. پوءِ اهي هيڪل جي اوڀر طرف واري دروازي جي لنگھہ وٽ وڃي بيٺا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني انهن جي مٿان هئي.


پوءِ هو وري انهيءَ لنگھہ وٽ آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. هو انهيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيو ۽ دروازي جي چانئٺ ماپيائين، جنهن جي ويڪر ٽي ميٽر هئي.


هاڻي جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي اندرين اڱڻ جي ايراضي ماپي بس ڪئي، تڏهن هو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي اوڀر پاسي واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضيءَ جي ماپ ورتائين.


خداوند جي تجلي انهيءَ اوڀر واري دروازي مان هيڪل جي چوديواريءَ کان اندر گھڙي ويئي.


پوءِ اهو ماڻهو مون کي موٽائي هيڪل جي چوديواريءَ جي اوڀر طرف واري ٻاهرين لنگھہ وٽ وٺي آيو، جيڪو بند پيو هو.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”هي لنگھہ بند رهندو ۽ ڪڏهن بہ نہ کلندو. هائو، ڪنهن بہ انسان کي انهيءَ مان اچڻ وڃڻ جي اجازت نہ هوندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ منجھان داخل ٿيو آهيان. سو اهو بند رهندو.


خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! هيڪل جي اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ ڪم ڪار وارا ڇهہ ئي ڏينهن بند رهڻ گھرجي. پر سبت جي ڏينهن تي توڙي نئين چنڊ واري ڏينهن تي اهو لنگھہ بني اسرائيل جي حڪمران لاءِ کوليو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ