2 انهيءَ عمارت جو اتر وارو پاسو پنجاهہ ميٽر ڊگھو هو ۽ عمارت جي ويڪر پنجويهہ ميٽر هئي.
2 اُتر واري دروازي جي اڳيان ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجاهہ هٿ هئي.
انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي عمارت جي ٻاهرين پاسي جي ماپ ڪئي، جنهن جي ڊيگھہ پنجاهہ ميٽر هئي. هيڪل جي اولاهين پاسي واري عمارت ۽ ان جي ڀتين جي ڪل ڊيگھہ وچ واري خالي ڇڏيل جاءِ سميت پنجاهہ ميٽر هئي.
سو انهيءَ عمارت جي ڏکڻ پاسي هيڪل جي ڀرسان واري ڏهہ ميٽر ويڪري خالي جاءِ بہ هئي ۽ اتر پاسي ٻاهرين اڱڻ وارو فرش هو. اها عمارت ٽن طبقن تي ٺهيل هئي، جنهن جو هر هڪ طبقو هڪٻئي کان مٿي ۽ پوئتي هو.