13 تڏهن هن مون کي چيو تہ اُتر واريون ڪوٺيون ۽ ڏکڻ واريون ڪوٺيون، جي علحدي جاءِ جي اڳيان آهن، سي پاڪ ڪوٺيون آهن، جتي اُهي ڪاهن، جي خداوند جي حضوري ۾ وڃن ٿا، سي تمام پاڪ شيون کائيندا: اُتي هو تمام پاڪ شيون ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني رکن؛ ڇالاءِ جو اُها جاءِ پاڪ آهي.
اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ جي شروع ۾ هال جي لڳولڳ هڪڙو ڪمرو ٺهيل هو جيڪو هال ۾ ٿي کُليو. اتي انهن ڪٺل جانورن کي ڌوتو ويندو هو جيڪي قربانيءَ طور ساڙڻ لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا.
جنهن ڪمري جو رخ اتر طرف آهي سو قربانگاهہ جي خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. اهي سڀ ڪاهن صدوق جو اولاد آهن. لاوي قبيلي جي رڳو انهن ئي ڪاهنن کي خداوند جي حضور ۾ وڃي خدمت ڪرڻ جي اجازت آهي.
پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي اتر پاسي واپس ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي آيو جتي هڪ عمارت ٺهيل هئي. اها عمارت هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي اتر طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي.
اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.
پوءِ ڪاهن ويجھو اچن، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا انهن کي لاوي قبيلي مان ان لاءِ چونڊيو آهي تہ اهي سندس خدمت ڪن ۽ خداوند جي نالي سان ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن ۽ هر ڪنهن جھيڙي ۽ خونريزيءَ جو فيصلو ڪن.