مٿئين ٽئين طبقي وارا ڪمرا هيٺين ٻن طبقن وارن ڪمرن کان وڌيڪ سوڙها هئا، ڇاڪاڻ تہ هيٺين ۽ وچين طبقن جي ڪري مٿئين طبقي لاءِ ايتري جڳهہ ڪانہ هئي. اهو انهيءَ ڪري هو جو انهيءَ عمارت کي ٽي طبقا هئا ۽ ان کي ٿنڀا نہ هئا جيئن هيڪل جي چوديواريءَ وارين ٻين عمارتن کي هئا. انهيءَ عمارت جي اترئين پاسي تي ڪمرن جا دروازا هئا، جن جي اڳيان پنج ميٽر ويڪري ۽ پنجاهہ ميٽر ڊگھي گھٽي هئي.