Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 42:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي اتر پاسي واپس ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي آيو جتي هڪ عمارت ٺهيل هئي. اها عمارت هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي اتر طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ هن مون کي اُتر واري رستي کان ڪڍي ٻاهرين ايوان ۾ آندو: ۽ جيڪا ڪوٺي انهي علحدي جاءِ جي آمهون سامهون هئي، ۽ جيڪا اُتر پاسي واري عمارت جي آمهون سامهون هئي، تنهن ۾ هن مون کي آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 42:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هال ۽ ٻاهرين اڱڻ جي وچ واري دروازي جي ٻانهين جي اوچائي ماپي جيڪا ٽيهہ ميٽر هئي. انهيءَ سڄي اوڀر واري لنگھہ جي جاءِ جي ٽنهي پاسن کان هيڪل جو ٻاهريون اڱڻ هو.


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو.


تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ان لنگھہ جي بہ ماپ ڪئي،


پوءِ اهو ماڻهو مون کي ڏکڻ طرف وٺي هليو. ڇا ڏسان تہ ڏکڻ واري پاسي بہ هڪڙو لنگھہ هو. هن ان جي ماپ ڪئي تہ اها بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي.


پوءِ اسين ٻاهرين اڱڻ کان اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وٽ آياسين. انهيءَ ماڻهو ان لنگھہ جي ماپ ورتي تہ اها بہ ٻاهرينءَ ڀت وارن لنگھن جي ماپ جيتري هئي.


پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي وچين ڪمري يعني مقدس جاءِ ۾ وٺي آيو. هن انهيءَ جي دروازي جي ماپ ڪئي، جيڪو ٽي ميٽر ٿلهو


پاسن وارن ڪمرن جي ٻاهرين ڀت جي ٿولهہ اڍائي ميٽر هئي ۽ ڀت کان ٿلهي جي ڇيڙي تائين باقي ڇڏيل ڪشادي جاءِ پڻ اڍائي ميٽر هئي. ڪمرن جا دروازا انهيءَ ڪشادي جاءِ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو دروازو اتر ڏانهن هو تہ ٻيو ڏکڻ ڏانهن. اڳئين پاسي کان سواءِ هيڪل جي عمارت جي ٿلهي جي ڇيڙي کان اندرين اڱڻ جي چوڌاري وارن ڪمرن تائين واري ماپ ڏهہ ميٽر هئي.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.


مٿئين ٽئين طبقي وارا ڪمرا هيٺين ٻن طبقن وارن ڪمرن کان وڌيڪ سوڙها هئا، ڇاڪاڻ تہ هيٺين ۽ وچين طبقن جي ڪري مٿئين طبقي لاءِ ايتري جڳهہ ڪانہ هئي. اهو انهيءَ ڪري هو جو انهيءَ عمارت کي ٽي طبقا هئا ۽ ان کي ٿنڀا نہ هئا جيئن هيڪل جي چوديواريءَ وارين ٻين عمارتن کي هئا. انهيءَ عمارت جي اترئين پاسي تي ڪمرن جا دروازا هئا، جن جي اڳيان پنج ميٽر ويڪري ۽ پنجاهہ ميٽر ڊگھي گھٽي هئي.


پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ