Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهن ٽنهين پاسي وارن ڪمرن جي مٿان ٻہ ٻيون منزلون بہ ٺهيل هيون ۽ هر منزل ۾ ٽيهہ ڪمرا ٺهيل هئا. انهن منزلن لاءِ انهيءَ عمارت جي ڀت ۾ ٽيڪون لڳل هيون انهيءَ لاءِ تہ منزلون هيڪل جي عمارت جي ڀت ۾ لڳل نہ هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ پاسي وارين ڪوٺين جا ٽي طبقا هئا، هڪٻئي جي مٿان، ۽ قطار ۾ ٽيهہ: ۽ اُهي اُنهي ڀت ۾ گهڙي ٿي ويا جا چوڌاري پاسي وارين ڪوٺين جي لاءِ گهر کي ڏنل هئي، انهي لاءِ تہ اُهي انهي ۾ مضبوط رهن ۽ گهر جي ڀت ۾ نہ رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:6
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي ٽن طرفن کان جيڪي ٽي منزلہ جايون حجرن لاءِ ٺهرايون ويون هيون، تن جا شهتير هيڪل جي ڀتين جي ٽيڪن تي رکيل هئا. هر هڪ حجري جي اوچائي سوا ٻہ ميٽر هئي.


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي عمارت جي ڀت جي ٿولهہ ماپي، جيڪا ٽي ميٽر هئي. انهيءَ ڀت وٽ عمارت جي ٽن پاسن تي ڪمرا ٺهيل هئا جن مان هر هڪ جي ويڪر ٻہ ميٽر هئي.


اوهين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آهيو، ايستائين جو اهو مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ