Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هن انهيءَ ڪمري جي بہ ماپ ورتي، تہ اهو ڏهن ميٽرن وارو چورس ڪمرو هو. پوءِ هن مون کي چيو تہ ”هيءَ مقدس ترين جاءِ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هن انهي جي ڊيگهہ هيڪل جي اڳيان ماپي تہ ويهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر بہ ويهہ هٿ ٿي: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ تمام پاڪ جاءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي پٺئين پاسي نوَن ميٽرن جي فاصلي تي هڪ ڀت ٺهرائي ويئي تہ جيئن الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ڌار ٿي پوي. انهيءَ جي ڀت تي بہ فرش کان وٺي ڇت تائين ديال جا تختا کوڙايا ويا.


سڄي هيڪل کي اندران نج سون سان ڍڪيو ويو ۽ مقدس ترين جاءِ جي اڳيان سون جا زنجير ٻڌا ويا. اها مقدس ترين جاءِ اندران نوَ ميٽر ڊگھي، نوَ ميٽر ويڪري ۽ نوَ ميٽر اوچي هئي. انهيءَ تي بہ اندران نج سون چڙهايو ويو. مقدس ترين جاءِ جي اڳيان لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ کي ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيو ويو ۽ مٿس بہ سون چاڙهيو ويو.


هيڪل جي ٻاهرين ڀتين سان هيڪل جي پٺيان ۽ ٻنهي پاسن کان هن ٽي منزلہ حجرا ٺهرايا.


پيالا، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، مقدس ترين جاءِ جي دروازن لاءِ ۽ هيڪل جي دروازن لاءِ پڻ انجيسون.


پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ۾ سندس مقرر جاءِ يعني پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي بلڪل پرن هيٺ آڻي رکي.


هن مقدس جاءِ جي پٺيان مقدس ترين جاءِ بہ تعمير ڪرائي، جنهن جي ڊيگھہ هيڪل جي ويڪر موجب نوَ ميٽر ۽ ويڪر بہ نوَ ميٽر هئي. هن انهيءَ مقدس ترين جاءِ تي اندران ايڪيهہ هزار ڪلوگرام سون چاڙهايو.


پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق هيڪل جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق جي مجسمن هيٺان مقرر ڪيل جاءِ تي آڻي رکي.


هيڪل جي مقدس جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ تي ۽ مقدس ترين جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ تي تاڪ لڳل هئا.


اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري هئي. هُن انهيءَ لٺ سان شهر جي ماپ ڪئي تہ اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي هڪ جيتري ٻارهن ٻارهن هزار فرلانگ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ