پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي داخل ٿيڻ واري ڪمري ۾ وٺي آيو. هن انهيءَ جي دروازي جي ماپ ڪئي تہ اهو اڍائي ميٽر ٿلهو ۽ ست ميٽر ويڪرو هو. ان جون ڀتيون ٻنهي طرفن کان ڏيڍ ڏيڍ ميٽر ويڪريون هيون.
جڏهن اوهين ڪنهن شهر کي جنگ ڪري فتح ڪرڻ لاءِ گھڻي وقت تائين ان جو گھيرو ڪيو ويٺا هجو، تڏهن اوهين ڪهاڙيءَ سان انهيءَ جا وڻ وڍي نہ ڇڏجو، ڇو تہ انهن جو ميوو اوهان جي کائڻ جي ڪم ايندو. تنهنڪري انهن کي نہ وڍجو، ڇاڪاڻ تہ ميدان جا وڻ ڪي ماڻهو ڪين آهن جو اوهين انهن کي گھيرو ڪريو.