23 هيڪل جي مقدس جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ تي ۽ مقدس ترين جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ تي تاڪ لڳل هئا.
23 ۽ هيڪل ۽ پاڪ مڪان کي ٻہ در هئا.
ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، ٿالهہ، لوباندان ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا. اهو سڀ سامان نج سون مان ٺهرايو ويو. هيڪل جا دروازا يعني مقدس ترين جاءِ جا دروازا ۽ وڏي هال جا دروازا، پڻ سون مان ٺهرايا ويا.
پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي وچين ڪمري يعني مقدس جاءِ ۾ وٺي آيو. هن انهيءَ جي دروازي جي ماپ ڪئي، جيڪو ٽي ميٽر ٿلهو
هن انهيءَ ڪمري جي بہ ماپ ورتي، تہ اهو ڏهن ميٽرن وارو چورس ڪمرو هو. پوءِ هن مون کي چيو تہ ”هيءَ مقدس ترين جاءِ آهي.“
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون حزقيايل کي موٽائي هيڪل جي عمارت جي دروازي وٽ آندو. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ دروازي جي چانئٺ هيٺان ڏکڻ واري پاسي کان چشمي جو پاڻي نڪري هيڪل جي اڳيان اڳيان اوڀر طرف ڏانهن وهندي قربانگاهہ جي ڏکڻ کان ٿيندو اڳتي وهندو ٿي ويو.