Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل قربان‌گاهہ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. اها ڏيڍ ميٽر اوچي ۽ هڪ ميٽر چورس هئي. انهيءَ جا ڪُنڊن وارا ٿنڀا، پاوا ۽ پاسا سڀيئي ڪاٺ جا ٺهيل هئا. انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها ميز آهي جيڪا خداوند جي حضور ۾ رکيل هوندي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 قربانگاهہ ڪاٺ جي هئي، ۽ ٽي هٿ اوچي ۽ ٻہ هٿ ڊگهي هئي؛ ۽ انهي جون ڪُنڊون ۽ انهي جي ڊيگهہ، ۽ انهي جون ڀتيون ڪاٺ جون هيون: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها ميز آهي جا خداوند جي اڳيان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڄي هيڪل کي اندران نج سون سان ڍڪيو ويو ۽ مقدس ترين جاءِ جي اڳيان سون جا زنجير ٻڌا ويا. اها مقدس ترين جاءِ اندران نوَ ميٽر ڊگھي، نوَ ميٽر ويڪري ۽ نوَ ميٽر اوچي هئي. انهيءَ تي بہ اندران نج سون چڙهايو ويو. مقدس ترين جاءِ جي اڳيان لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ کي ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيو ويو ۽ مٿس بہ سون چاڙهيو ويو.


سليمان بادشاهہ خداوند جي هيڪل لاءِ سون جو هي سامان ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميز،


بادشاهہ سليمان هيڪل لاءِ سون مان هي سامان پڻ ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميزون،


”تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي ميز ٺهرائج، جنهن جي ڊيگھہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هجي.


سانجھيءَ جو بہ جڏهن هو ڏيئا ٻاري تڏهن اهو ساڙي. اهو لوبان مون خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي لاءِ اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ ساڙبو رهبو.


هن دعوت لاءِ جانور ڪُهي تيار ڪيا آهن ۽ مئي ۾ مصالحا ملائي تيار ڪئي اٿس. هن پنهنجو دسترخانو بہ وڇايو آهي.


اي منهنجا بادشاهہ! جيستائين تون پنهنجي پلنگ تي آرامي آهين، تيستائين ڪاش! منهنجي بدن جي خوشبوءِ تو تائين ڦهلجي وڃي.


پوءِ اهي هڪڙي عمدي پلنگ تي چڙهي ويٺيون. سندن اڳيان عمدين شين سان سجايل هڪڙي ميز رکيل هئي. هنن انهيءَ تي منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل لوبان ۽ زيتون جو تيل آڻي رکيو.


رڳو اهي ئي منهنجي هيڪل جي عمارت ۾ داخل ٿيندا، منهنجي قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪندا ۽ هيڪل اندر منهنجي لاءِ مقرر ڪيل ڪم پورا ڪندا.


پوءِ اهي مقدس جاءِ اندر مون خداوند جي حضور ۾ نج سون جي پٽ چڙهيل ميز تي ٻن قطارن ۾ رکيا وڃن. هر هڪ قطار ۾ ڇهہ ڇهہ روٽ ٺاهي رکجن.


پر اوهين هي سوچيندي منهنجي نالي جي بي‌ادبي ٿا ڪريو تہ ’خداوند جي قربان‌گاهہ ناپاڪ آهي ۽ انهيءَ تي پيش ڪيل نذرانو نفرت جوڳو آهي.‘


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي ناپاڪ نذرانا ٿا پيش ڪريو. تنهن هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ’اسان ڪهڙيءَ طرح تنهنجي گستاخي ڪئي آهي؟‘ اوهين مون خداوند جي قربان‌گاهہ کي حقير ڄاڻي منهنجي بي‌ادبي ٿا ڪريو.


اوهين خداوند عيسيٰ جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين خداوند عيسيٰ جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي ماني کائينداسين.


هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربان‌گاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ