Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ۽ پنج ميٽر ويڪرو هو. ان جون ڀتيون ٻنهي طرفن کان اڍائي اڍائي ميٽر ويڪريون هيون. هن انهيءَ ڪمري جي بہ ماپ ڪئي جيڪو ويهہ ميٽر ڊگھو ۽ ڏهہ ميٽر ويڪرو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 در جي ويڪر ڏهہ هٿ هئي؛ ۽ در جا پاسا پنج هٿ هڪڙي پاسي، ۽ پنج هٿ ٻئي پاسي هئا: ۽ هن انهي جي ڊيگهہ بہ ماپي تہ چاليهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان مقدس ترين جاءِ جي سامهون وارو هال يعني مقدس جاءِ ارڙهن ميٽر ڊگھي هئي.


بادشاهہ سليمان جيڪا هيڪل تعمير ڪرائي تنهن جي ڊيگھہ ستاويهہ ميٽر هئي، ويڪر نوَ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي.


هنن هيڪل جا ٻاهريان دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ ڏيئا وسائي ڇڏيائون. هنن انهيءَ مقدس هيڪل ۾ بني اسرائيل جي خدا لاءِ نہ لوبان ساڙيو ۽ نہ ئي وري ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون.


هيڪل تعمير ڪرڻ لاءِ بادشاهہ سليمان جيڪي بنياد وجھرايا تن جي ڊيگھہ ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر نوَ ميٽر هئي.


هن هيڪل جي شهتيرن، چانئٺن، ڀتين ۽ دروازن تي سون جو پٽ چاڙهايو ۽ ڀتين تي پردار آسماني مخلوق جا نقش اُڪرايائين.


خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو ٺهرائج، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي.


خيمي جي در جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا تنهن مان هڪڙو پردو ٺاهيو ويو، جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هو.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون حزقي‌ايل کي موٽائي هيڪل جي عمارت جي دروازي وٽ آندو. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ دروازي جي چانئٺ هيٺان ڏکڻ واري پاسي کان چشمي جو پاڻي نڪري هيڪل جي اڳيان اڳيان اوڀر طرف ڏانهن وهندي قربان‌گاهہ جي ڏکڻ کان ٿيندو اڳتي وهندو ٿي ويو.


سو عيسيٰ وري اهو بہ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ رڍن لاءِ اهو در آءٌ آهيان.


آءٌ ئي اهو در آهيان. سو جيڪا بہ رڍ مون مان اندر گھڙندي سا بچي ويندي. اها اندر ٻاهر ايندي ويندي رهندي ۽ چراگاهہ ۾ پيئي چرندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ