Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:16 - Muslim Sindhi Bible

16 يعني دروازن جي چوڪاٺين، کُليل درين ۽ تاڪن وارين درين تي ڪاٺ لڳل هو. هر هڪ دريءَ جي تري کان سواءِ ٽن پاسن تي ٽن تَهن وارا ڪاٺ جا فريم لڳل هئا. انهن ٻنهي ڪمرن جي سڀني ڀتين تي فرش کان درين تائين ڪاٺ لڳل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 چانئٺيون ۽ بند ٿيل دريون، ۽ ٽنهي طبقن جي چوڌاري ورانڊا، چانئٺ جي آمهون سامهون چوڌاري ڪاٺ سان مڙهيل هئا، ۽ اُهي زمين کان وٺي درين تائين مڙهيل هئا؛ ۽ دريون ڍڪيل هيون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي ڀتين تي اندران فرش کان وٺي ڇت تائين چوڌاري ديال جا تختا هڻايا ويا ۽ هيڪل جي فرش تي صنوبر جا تختا هڻايا ويا.


هيڪل ۾ هن سوڙهيون هوادار دريون ٺهرايون.


هن مقدس جاءِ کي صنوبر جي تختن سان ڍڪرايو ۽ انهن تختن تي نج سون جو پٽ چاڙهايو ۽ مٿان کجين جا وڻ ۽ زنجيريون اُڪرايائين.


انهن جي پڪار تي هيڪل جا بنياد لڏي ويا ۽ پوري هيڪل دونهين سان ڀرجي ويئي.


پوءِ خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني هيڪل جي دروازي تان بلند ٿي ۽ وڃي پردار آسماني مخلوق جي مٿان واري جاءِ تي بيٺي.


لنگھہ جي ڪمرن، هال ۽ دروازن جي سڀني اندرين ڀتين ۾ ننڍڙيون دريون لڳل هيون. دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻ جون تصويرون بہ ڇاپيل هيون.


ان لنگھہ اندر ساڳي نموني دريون لڳل هيون. ان لنگھہ جي ماپ بہ ساڳي ئي هئي يعني ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر.


پوءِ هو وري انهيءَ لنگھہ وٽ آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. هو انهيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيو ۽ دروازي جي چانئٺ ماپيائين، جنهن جي ويڪر ٽي ميٽر هئي.


آخر ۾ هن اولهہ طرف واري عمارت جي اتر ڏکڻ واري ڊيگھہ ڀتين جي ڪانسن سميت ماپي جيڪا پنجاهہ ميٽر هئي. هيڪل جي عمارت جي داخل ٿيڻ واري ڪمري ۽ مقدس جاءِ تي ڪاٺ لڳل هو.


هيڪل جي عمارت جون اندريون ڀتيون سردرن کان بہ مٿي تائين توڙي ٻاهريون سڀيئي ڀتيون چوڌاري پردار آسماني مخلوق جي مجسمن ۽ کجيءَ جي وڻن جي تصويرن سان پوريءَ طرح سينگاريل هيون. هر پردار آسماني مخلوق کان پوءِ هڪ هڪ کجيءَ جو وڻ هو ۽ هر پردار آسماني مخلوق کي ٻہ ٻہ منهن هئا.


سو انهيءَ عمارت جي ڏکڻ پاسي هيڪل جي ڀرسان واري ڏهہ ميٽر ويڪري خالي جاءِ بہ هئي ۽ اتر پاسي ٻاهرين اڱڻ وارو فرش هو. اها عمارت ٽن طبقن تي ٺهيل هئي، جنهن جو هر هڪ طبقو هڪٻئي کان مٿي ۽ پوئتي هو.


’اي منهنجي قوم! ڇا اهو مناسب آهي جو اوهين تہ هن وقت عاليشان گھرن ۾ رهو ٿا، جڏهن تہ منهنجي هيڪل اڃا مٽيءَ جا دڙا لڳي پيئي آهي؟


ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ