Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:15 - Muslim Sindhi Bible

15 آخر ۾ هن اولهہ طرف واري عمارت جي اتر ڏکڻ واري ڊيگھہ ڀتين جي ڪانسن سميت ماپي جيڪا پنجاهہ ميٽر هئي. هيڪل جي عمارت جي داخل ٿيڻ واري ڪمري ۽ مقدس جاءِ تي ڪاٺ لڳل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ هن، جيڪا علحدي عمارت پٺيان هئي، تنهن جي اڳيان انهي عمارت ۽ انهي جي ٻنهي پاسن وارن ورانڊن جي ماپ ڪئي تہ ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي: ۽ اندرين هيڪل ۽ ايوان جا اڳ وارا دالان؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي ديال ۽ سرو جا وڻ اسان جي چوڌاري ديوار ۽ ڇت هوندا.


تنهنجو مٿو ڪرمل جبل جيان بلند آهي. تنهنجي مٿي جا وار ايترا تہ ڪارا ۽ چمڪندڙ آهن، جو بادشاهہ بہ انهن کي ڏسي تنهنجو اسير بڻجي وڃي.


مون هڪڙي ٻي عمارت بہ ٺهيل ڏٺي، جيڪا هيڪل جي عمارت جي اولهہ طرف ۽ هيڪل جي چوديواريءَ واري ڀت تائين هئي. انهيءَ عمارت جي اندرين پاسي واري ڊيگھہ اتر کان ڏکڻ تائين پنجيتاليهہ ميٽر ۽ ويڪر پنجٽيهہ ميٽر هئي ۽ ان جون ڀتيون چوڌاري اڍائي ميٽر ٿلهيون هيون.


انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي عمارت جي ٻاهرين پاسي جي ماپ ڪئي، جنهن جي ڊيگھہ پنجاهہ ميٽر هئي. هيڪل جي اولاهين پاسي واري عمارت ۽ ان جي ڀتين جي ڪل ڊيگھہ وچ واري خالي ڇڏيل جاءِ سميت پنجاهہ ميٽر هئي.


هيڪل جي اڳيان اڱڻ جي ڊيگھہ پڻ پنجاهہ ميٽر هئي.


يعني دروازن جي چوڪاٺين، کُليل درين ۽ تاڪن وارين درين تي ڪاٺ لڳل هو. هر هڪ دريءَ جي تري کان سواءِ ٽن پاسن تي ٽن تَهن وارا ڪاٺ جا فريم لڳل هئا. انهن ٻنهي ڪمرن جي سڀني ڀتين تي فرش کان درين تائين ڪاٺ لڳل هو.


هيڪل جي عمارت جون اندريون ڀتيون سردرن کان بہ مٿي تائين توڙي ٻاهريون سڀيئي ڀتيون چوڌاري پردار آسماني مخلوق جي مجسمن ۽ کجيءَ جي وڻن جي تصويرن سان پوريءَ طرح سينگاريل هيون. هر پردار آسماني مخلوق کان پوءِ هڪ هڪ کجيءَ جو وڻ هو ۽ هر پردار آسماني مخلوق کي ٻہ ٻہ منهن هئا.


پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي اتر پاسي واپس ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي آيو جتي هڪ عمارت ٺهيل هئي. اها عمارت هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي اتر طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي.


هاڻي جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي اندرين اڱڻ جي ايراضي ماپي بس ڪئي، تڏهن هو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي اوڀر پاسي واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضيءَ جي ماپ ورتائين.


سو انهيءَ عمارت جي ڏکڻ پاسي هيڪل جي ڀرسان واري ڏهہ ميٽر ويڪري خالي جاءِ بہ هئي ۽ اتر پاسي ٻاهرين اڱڻ وارو فرش هو. اها عمارت ٽن طبقن تي ٺهيل هئي، جنهن جو هر هڪ طبقو هڪٻئي کان مٿي ۽ پوئتي هو.


”قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ