Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي وچين ڪمري يعني مقدس جاءِ ۾ وٺي آيو. هن انهيءَ جي دروازي جي ماپ ڪئي، جيڪو ٽي ميٽر ٿلهو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ هن مون کي هيڪل ۾ آندو ۽ ٿنڀن جي ماپ ڪيائين، تہ انهي جي ويڪر ڇهہ هٿ هِن پاسي ٿي ۽ ڇهہ هٿ هُن پاسي، ۽ اها تنبوءَ جي ويڪر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان چار سؤ اسي سال پوءِ، سليمان بني اسرائيل تي پنهنجي بادشاهيءَ جي چوٿين سال دوران، زيوِ مهيني، جيڪو سال جو ٻيو مهينو هو تنهن ۾ هيڪل تعمير ڪرائڻ شروع ڪيو.


بادشاهہ سليمان جيڪا هيڪل تعمير ڪرائي تنهن جي ڊيگھہ ستاويهہ ميٽر هئي، ويڪر نوَ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي.


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو.


هيڪل جي عمارت جي مقدس جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ چورس هئي. مقدس ترين جاءِ جي دروازي جي اڳيان مقدس جاءِ ۾ ڪا اهڙي شيءِ رکيل هئي،


هيڪل جي مقدس جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ تي ۽ مقدس ترين جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ تي تاڪ لڳل هئا.


پوءِ هو پاڻ بلڪل اندرين ڪمري ۾ ويو. هن انهيءَ ڪمري جي دروازي جي ماپ ڪئي، جيڪو هڪ ميٽر ٿلهو ۽ ٽي ميٽر ويڪرو هو. ان جون ڀتيون ٻنهي طرفن کان ساڍا ٽي ساڍا ٽي ميٽر ويڪريون هيون.


پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي اتر پاسي واپس ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي آيو جتي هڪ عمارت ٺهيل هئي. اها عمارت هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي اتر طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


جنهن ملائڪ مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي.


مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، خدا خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن خدا هوندو.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ