Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:7 - Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ سڀڪا ڪوٺي هڪڙو ڪانو ويڪري هئي؛ ۽ ڪوٺين جي وچ ۾ وڇوٽي پنج هٿ هئي؛ ۽ در جي چانئٺ اڳ واري در جي ايوان وٽ گهر جي پاسي هڪ ڪانو هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لاوين تي اهو ڪم رکيو ويو تہ هو خداوند جي هيڪل جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ حجرن ۾ ۽ سڀني مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ ۾ بني هارون جي مدد ڪن.


چار مکيہ دربان لاوي هوندا هئا ۽ خاص عهدي تي هوندا هئا. اهي خدا جي گھر ۾ حجرن ۽ خزانن تي مقرر هئا.


سونين ڪلين جي تور ڇهہ سؤ گرام هئي. هن مٿين ڪمرن جي ڀتين تي پڻ سون چاڙهايو.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ سامان لاءِ خداوند جي گھر ۾ گدام ٺاهيا وڃن.“ سو هنن اهي تيار ڪيا.


اوهين انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪجو جيستائين اوهين يروشلم ۾ خداوند جي گھر جي خزاني ۾ مکيہ ڪاهنن، لاوين ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن اڳيان توري سندن حوالي ڪريو.“


خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.


جنهن جي ماپ اوڀر واري لنگھہ جي ماپ جيتري هئي. ساڳي نموني لنگھہ جي اندر ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ ٽي ٽي ڪمرا، ڪمرن جون وڇوٽي واريون ڀتيون ۽ هال بہ ساڳي ماپ جا ٺهيل هئا. ان لنگھہ جي ماپ بہ ساڳي نموني هئي يعني ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر.


پهريدارن جي ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي.


پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي.


پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي.


انهيءَ هال جي اندرين چانئٺ کان وٺي ان دروازي تائين ويڪر چار ميٽر هئي ۽ دروازي جون ٻانهيون هڪ ميٽر ويڪريون هيون. اهڙيءَ طرح انهن ٻانهين جون ڀتيون بہ هڪ هڪ ميٽر ويڪريون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ