حزقي ايل 40:6 - Muslim Sindhi Bible6 پوءِ هو وري انهيءَ لنگھہ وٽ آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. هو انهيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيو ۽ دروازي جي چانئٺ ماپيائين، جنهن جي ويڪر ٽي ميٽر هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 تنهن کانپوءِ هو در وٽ آيو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو، ۽ انهي جي ڏاڪن تي چڙهيو؛ ۽ در جي چانئٺ ماپيائين، تہ هڪڙو ڪانو ويڪري ٿي، ۽ ٻي چانئٺ بہ هڪڙو ڪانو ويڪري هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.
انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو.
ملڪ جو حڪمران جڏهن بہ منهنجي حضور ۾ پنهنجي مرضيءَ سان قربانيءَ طور ساڙڻ واري قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ چاهي، تڏهن هن لاءِ اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ کوليو وڃي. هو پنهنجيون اهي قربانيون اهڙيءَ طرح پيش ڪري جيئن سبت جي ڏينهن تي پيش ڪندو هجي. تنهن کان پوءِ هو موٽي وڃي ۽ سندس ٻاهر نڪرڻ سان ئي لنگھہ بند ڪيو وڃي.“