Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن مون پهرين شيءِ جيڪا ڏٺي سا هيڪل جي چوديواريءَ واري ٻاهرين ڀت هئي، جيڪا سڀني عمارتن جي چوڌاري ڏنل هئي. انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ماپڻ جو جيڪو ڪانو هو سو ٽي ميٽر ڊگھو هو، جنهن سان هن ڀت جي ماپ ورتي تہ اها ٽي ميٽر اوچي ۽ ٽي ميٽر ويڪري هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ ڏسو، گهر جي چوڌاري ٻاهران هڪڙي ڀِت هئي، ۽ انهي ماڻهو جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جو هڪڙو ڪانو هو، جو ڇهہ هٿ ڊگهو هو؛ ۽ هرهڪ هٿ جي ماپ، ماڻهوءَ جي هٿ ۽ هٿ جي موڪرائي جيتري وڌيڪ هئي: اُنهي سان هن انهي عمارت جي ويڪر ماپي تہ هڪڙو ڪانو هئي، ۽ ڊيگهہ بہ هڪڙو ڪانو ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن يروشلم کي چوڌاري جبل وڪوڙيل آهن، تيئن ئي هاڻي بلڪ هميشہ هميشہ لاءِ، خداوند چئني طرفن کان پنهنجي قوم جو محافظ آهي.


انهيءَ ڏينهن يهوداہ جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا تہ ”اسان جو شهر يروشلم هڪ محفوظ شهر آهي، جنهن جي ڪوٽ جي حفاظت خدا پاڻ ٿو ڪري.


تنهنجي سرزمين تي وري ظلم، ۽ زبردستيءَ جو آواز بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو، نڪي تنهنجي سرحدن ۾ تباهي ۽ برباديءَ جي ڳالهہ ٻڌڻ ۾ ايندي. پوءِ تنهنجي ڀتين کي ’خداوند جو بچاءُ‘ سڏيو ويندو، ۽ تنهنجي دروازن کي ’خداوند جي واکاڻ‘ چيو ويندو.


مون ڏٺو تہ هيڪل جي عمارت ۽ ان جي پاسن وارن ڪمرن جا بنياد اوچي ٿلهي تي ٺهيل هئا. اهو ٿلهو عمارت جي چوڌاري بہ هو ۽ ان جي اوچائي ٽي ميٽر هئي.


هاڻي جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي اندرين اڱڻ جي ايراضي ماپي بس ڪئي، تڏهن هو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي اوڀر پاسي واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضيءَ جي ماپ ورتائين.


سو هيڪل جي چوديواريءَ جي چئني پاسن جون ڀتيون ڊيگھہ توڙي ويڪر ۾ ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر چورس هيون. انهيءَ ڀت خداوند لاءِ مخصوص جاءِ کي عام جاين کان ڌار ٿي ڪيو.


جهڙي نموني سڄي هيڪل جي ماپ ڪئي ويئي هئي انهيءَ ساڳي پيماني مطابق قربان‌گاهہ جون ماپون بہ هن ريت آهن. قربان‌گاهہ جي بنياد جي چوڌاري نالي ٺهيل هئي، جيڪا اڌ ميٽر اونهي ۽ اڌ ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ ناليءَ جي چوڌاري ميٽر جي چوٿين حصي جيتري اوچي ڪناري ٺهيل هئي. قربان‌گاهہ جي بنياد کان وٺي چوٽيءَ تائين ماپ هن ريت آهي.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


رفائين جي نسل منجھان رڳو بسن جو بادشاهہ عوج وڃي رهيو هو. هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگھہ چار ميٽر ۽ ويڪر پوڻا ٻہ ميٽر هئي. اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ اڃا بہ موجود آهي.


شهر جي وڏي ۽ مٿاهين ڪوٽ کي ٻارهن دروازا هئا، جن تي ٻارهن ملائڪ بيٺا هئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ