Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:49 - Muslim Sindhi Bible

49 داخل ٿيڻ وارو سڄو ڪمرو ڏهہ ميٽر ڊگھو ۽ ڇهہ ميٽر ويڪرو هو. اندرين اڱڻ کان ڪمري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏهہ ڏاڪا ٺهيل هئا. ان جي دروازي جي ٻنهي پاسن تي ٻہ ٿنڀا ٺهيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

49 اڳ واري ايوان جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي ۽ ويڪر يارهن هٿ؛ يعني جن ڏاڪن تان انهي تي چڙهي وڃبو هو، تن جي پاسي کان، ۽ ٿنڀن جي ڀرسان پيلپاوا هئا، هڪڙو هِن پاسي ۽ ٻيو هُن پاسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:49
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل ۾ گھڙڻ سان جيڪو ورانڊو هو تنهن جي ڊيگھہ هيڪل جي ويڪر جيتري يعني نوَ ميٽر هئي ۽ ويڪر ساڍا چار ميٽر هئس.


هن اهي ٿنڀا هيڪل جي اڳيان کڙا ڪرايا، هڪڙو ساڄي پاسي تہ ٻيو کاٻي پاسي. ساڄي پاسي واري ٿنڀي جو ياڪن نالو رکيو ويو ۽ کاٻي پاسي واري جو بوعز نالو رکيو ويو.


پر هن لنگھہ وارو هال آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي ۽ اوڀر وارن لنگھن وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ