Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:44 - Muslim Sindhi Bible

44 پوءِ وري اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. اتي مون ٻہ ڪمرا ڏٺا جن جا دروازا اندرين اڱڻ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو ڪمرو اتر واري لنگھہ جي ڀرسان هو جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو ۽ ٻيو ڏکڻ واري لنگھہ جي ڀرسان هو، جنهن جو رخ اتر ڏانهن هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 اندرئين دروازي جي ٻاهران ڳائڻ وارن جون ڪوٺيون اندرئين ايوان ۾ هيون، جو اُتر واري دروازي جي پاسي هو؛ ۽ انهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو: اُڀرندي واري در جي پاسي ۾ جيڪا ڪوٺي هئي، تنهن جو رخ اُتر ڏانهن هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:44
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو.


ٻاهرين اڱڻ جي ان اتر واري لنگھہ جي سامهون اندرين اڱڻ جو لنگھہ بہ هو. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ ٻنهي لنگھن جي وچ واري ماپ ڪئي تہ اها بہ پنجاهہ ميٽر هئي.


ٻاهرين اڱڻ جي ان ڏکڻ واري لنگھہ جي سامهون اندرين اڱڻ جو لنگھہ بہ هو. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ ٻنهي لنگھن جي وچ واري ماپ ڪئي تہ اها بہ پنجاهہ ميٽر هئي.


پهريدارن جي ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي.


اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ جي شروع ۾ هال جي لڳولڳ هڪڙو ڪمرو ٺهيل هو جيڪو هال ۾ ٿي کُليو. اتي انهن ڪٺل جانورن کي ڌوتو ويندو هو جيڪي قربانيءَ طور ساڙڻ لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا.


انهن ميزن مان هر هڪ جي چوڌاري ڪنارن تي چئن آڱرين جيتري ويڪري ڪناري لڳل هئي. قربانيءَ لاءِ پيش ڪيو ويندڙ سمورو گوشت انهن ميزن تي رکيو ويندو هو.


انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو.


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ