Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ انهي ماڻهو مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجين اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ، ۽ جيڪي آءٌ توکي ڏيکاريان تنهن تي دل سان ڌيان ڏي؛ تہ آءٌ توکي اهي ڏيکاريان: ڇالاءِ جو تون هتي انهي لاءِ آندو ويو آهين تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو تون اسرائيل جي گهراڻي کي بيان ڪري ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجي مظلوم قوم بني اسرائيل! بيشڪ اوهين ڪڻڪ جي فصل وانگر ڳاهيا ويا آهيو. پر هاڻي اوهان جي لاءِ هڪڙي خوشخبري آهي، جيڪا قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان مون ٻڌي آهي.


”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.


اهو آواز مون حزقي‌ايل سان مخاطب ٿيو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ تو سان ڳالهايان.“


”اي آدمزاد! آءٌ تو کي بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان. هائو، آءٌ تو کي انهيءَ باغي قوم لاءِ مقرر ٿو ڪريان، جيڪا مون کان ڦري ويئي آهي. هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين منهنجي نافرماني پئي ڪئي آهي.


”اي آدمزاد! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


سو اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي منهنجي هيڪل بابت ٻڌائي ڇڏ تہ جيئن اهي هيڪل جي ماپ ڪري پنهنجي ڪيل گناهن تي شرمسار ٿي ڪري پشيمان ٿين.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڌيان ڏي. جيڪي ڪجھہ آءٌ خداوند پنهنجي هيڪل جي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن بابت ٻڌايان ٿو سو سڀ ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ اکيون کولي ڏس. تون ذهن ۾ رک تہ ڪير ڪير منهنجي هيڪل جي چوديواريءَ اندر اچي وڃي سگھي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن کي اچڻ وڃڻ جي اجازت نہ آهي.


تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! جيڪي تون ڏسين ٿو تنهن تي ڌيان ڏي.“ پوءِ اهو ماڻهو مون کي پاڻيءَ مان ڪڍي نديءَ جي ڪناري تي وٺي آيو.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


جيڪا ڳالهہ مون کي خداوند عيسيٰ کان ملي هئي سا مون اڳ ۾ اوهان تائين پهچائي آهي. اها هيءَ آهي تہ جنهن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو، تنهن رات هن ماني کڻي


تڏهن کين چيائين تہ ”جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڏني آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل سان لائجو. انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ