حزقي ايل 40:39 - Muslim Sindhi Bible39 انهيءَ ڪمري ۾ چار ميزون رکيل هيون، ٻہ ڪمري جي هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ٻئي پاسي. انهن ميزن تي قربانين لاءِ جانور ذبح ڪيا ويندا هئا، يعني ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اهي قربانيون جن جي وسيلي ماڻهن جا گناہ معاف ڪيا وڃن تہ جيئن اهي پاڪ ٿين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible39 ۽ در جي اڳ واري ايوان ۾ ٻہ ميزون هِن پاسي رکيل هيون، ۽ ٻہ ميزون هُن پاسي، جن تي سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني ذبح ٿيندي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بيعيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.