Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:38 - Muslim Sindhi Bible

38 اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ جي شروع ۾ هال جي لڳولڳ هڪڙو ڪمرو ٺهيل هو جيڪو هال ۾ ٿي کُليو. اتي انهن ڪٺل جانورن کي ڌوتو ويندو هو جيڪي قربانيءَ طور ساڙڻ لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ درن وٽ ٿنڀن جي پاسي ۾ هڪڙي ڪوٺي در سان هئي؛ اُتي هو سوختني قرباني ڌوئندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:38
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀ کان هيٺين منزل ۾ وڃڻ جو رستو هيڪل جي ڏاکڻي پاسي کان هو. اتان ڏاڪڻ وچين منزل تي ۽ اتان پوءِ سڀ کان مٿين منزل ڏانهن ويئي پئي.


دائود کيس انهن سڀني جاين جو نقشو پڻ ڏنو جيڪو پاڪ روح هن جي دل ۾ وڌو هو، يعني خداوند جي هيڪل جي اڱڻ، آس‌پاس جي حجرن، هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي گودامن جو نقشو.


هن ڏهہ ننڍا حوض بہ ٺهرايا، جن مان پنج هيڪل جي ساڄي پاسي رکيائين ۽ پنج کاٻي پاسي. انهن ۾ جانورن جا ساڙڻ وارين قربانين جا حصا ڌوتا ويندا هئا. پر اهو وڏو حوض ڪاهنن جي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هو.


تنهن طوبياہ کي رهڻ لاءِ انهن گودامن مان هڪڙي وڏي ڪوٺي ڏني. اها ڪوٺي هيڪل جي سامان رکڻ لاءِ مقرر هئي يعني اناج جون قربانيون، لوبان، خدا جي گھر جا ٿانوَ، اَناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، جيڪي مقرر طريقي موجب لاوين، هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبا هئا. انهيءَ کان علاوہ اتي ڪاهنن لاءِ گڏ ڪيل چندا پڻ رکيا ويندا هئا.


پوءِ منهنجي حڪم موجب سڀيئي ڪوٺيون پاڪ ڪيون ويون ۽ خدا جي گھر جا ٿانوَ، اناج جي قربانين ۽ لوبان سميت موٽائي آڻي اتي رکيا ويا.


خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.


تڏهن باروڪ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ بالا اڱڻ ۾ شاهي محرر سافن جي پٽ جمرياہ جي ڪمري مان سڀني ماڻهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي مان خداوند جون مون کي ٻڌايل ڳالهيون پڙهي ٻڌايون.


لنگھہ جي اندران ٻنهي پاسن ۾ پهريدارن لاءِ ٺهيل ٽن ٽن ڪمرن مان هر هڪ جي اڳيان اڌ ميٽر اوچا ۽ اڌ ميٽر ويڪرا دِڪا ٺهيل هئا.


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو.


پوءِ وري اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. اتي مون ٻہ ڪمرا ڏٺا جن جا دروازا اندرين اڱڻ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو ڪمرو اتر واري لنگھہ جي ڀرسان هو جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو ۽ ٻيو ڏکڻ واري لنگھہ جي ڀرسان هو، جنهن جو رخ اتر ڏانهن هو.


انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ جنهن ڪمري جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي سو هيڪل ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي.


جنهن ڪمري جو رخ اتر طرف آهي سو قربان‌گاهہ جي خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. اهي سڀ ڪاهن صدوق جو اولاد آهن. لاوي قبيلي جي رڳو انهن ئي ڪاهنن کي خداوند جي حضور ۾ وڃي خدمت ڪرڻ جي اجازت آهي.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.


ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ