حزقي ايل 40:36 - Muslim Sindhi Bible36 پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible36 انهي جي ڪوٺين ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي بہ؛ ۽ انهي ۾ چوڌاري دريون هيون: ۽ ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو.