حزقي ايل 40:24 - Muslim Sindhi Bible24 پوءِ اهو ماڻهو مون کي ڏکڻ طرف وٺي هليو. ڇا ڏسان تہ ڏکڻ واري پاسي بہ هڪڙو لنگھہ هو. هن ان جي ماپ ڪئي تہ اها بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 ۽ هو مون کي ڏکڻ ڏانهن وٺي هليو، ۽ ڏس، تہ ڏکڻ ڏانهن هڪڙو دروازو هو: ۽ هن انهي جا ٿنڀ ۽ انهيءَ جون ڪمانون انهن ماپن موافق ماپيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن ملڪ جو عوام مقرر ڪيل عيدن تي مون خداوند آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ اچي تہ پوءِ انهن مان جيڪي اتر واري ٻاهرين لنگھہ کان اندر آيا هجن سي سجدي ڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ واري ٻاهرين لنگھہ کان ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ڏکڻ واري ٻاهرين لنگھہ کان اندر آيا هجن، سي اتر واري ٻاهرين لنگھہ کان ٻاهر نڪري وڃن. مطلب تہ جيڪو جنهن لنگھہ کان اندر آيو هجي سو ساڳئي لنگھہ کان ٻاهر نہ نڪري وڃي بلڪ پنهنجي سامهون واري لنگھہ کان ٻاهر نڪري هليو وڃي.