Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:22 - Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ جو هال ۽ دريون بہ بلڪل اوڀر واري لنگھہ وانگر هيون. کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ائين ئي ڇاپيل هيون. ساڳي نموني لنگھہ تائين پهچڻ لاءِ ست ڏاڪا بہ ٺهيل هئا ۽ هال بلڪل آخر ۾ هو جتان ٻاهرين اڱڻ ۾ وڃڻ جو دروازو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ ان جون دريون ۽ ڪمانون ۽ کجيون انهي دروازي جي ماپ موافق هيون جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي؛ ۽ انهي تائين چڙهي وڃڻ لاءِ ست ڏاڪا هئا؛ ۽ انهن جون ڪمانون سندن اڳيان هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي اندران چوڌاري يعني مقدس جاءِ ۽ مقدس ترين جاءِ جي سڀني ڀتين تي پردار آسماني مخلوق، کجيءَ جي وڻن ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرائي ڇڏيون ويون.


زيتون جي ڪاٺ وارن ٻن تاڪن تي پڻ پردار آسماني مخلوق، کجيءَ جي وڻن ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرايون ويون ۽ مٿن سون چاڙهيو ويو. اهو سون پردار آسماني مخلوق ۽ کجيءَ جي وڻن جي مجسمن تي اهڙي نموني چاڙهيو ويو تہ جيئن اهي مجسما چٽا نظر اچن.


انهن تي پردار آسماني مخلوق، کجين جا وڻ ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرايون ويون ۽ انهيءَ اُڪر جي ڪم تي بہ سون چاڙهيو ويو. اهو سون اهڙيءَ طرح چاڙهيو ويو تہ جيئن اهي مجسما چٽا نظر اچن.


انهن فريمن ۽ تختن تي وٿيءَ آهر پردار آسماني مخلوق، شينهن ۽ کجيءَ جا وڻ اُڪرايا ويا ۽ انهن جي چوڌاري هار اُڪرايا ويا.


آمهون سامهون وارين ديوارن ۾ ٽي ٽي قطارون درين جون هيون.


هن مقدس جاءِ کي صنوبر جي تختن سان ڍڪرايو ۽ انهن تختن تي نج سون جو پٽ چاڙهايو ۽ مٿان کجين جا وڻ ۽ زنجيريون اُڪرايائين.


لنگھہ جي ڪمرن، هال ۽ دروازن جي سڀني اندرين ڀتين ۾ ننڍڙيون دريون لڳل هيون. دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻ جون تصويرون بہ ڇاپيل هيون.


ان لنگھہ اندر ساڳي نموني دريون لڳل هيون. ان لنگھہ جي ماپ بہ ساڳي ئي هئي يعني ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر.


ساڳي نموني لنگھہ تائين پهچڻ لاءِ ست ڏاڪا بہ ٺهيل هئا ۽ هال بلڪل آخر ۾ هو جتان ٻاهرين اڱڻ ۾ وڃڻ جو دروازو هو. ٻين لنگھن وانگر دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ڇپيل هيون.


پهريدارن جي ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي.


پر هن لنگھہ وارو هال آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي ۽ اوڀر وارن لنگھن وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


داخل ٿيڻ وارو سڄو ڪمرو ڏهہ ميٽر ڊگھو ۽ ڇهہ ميٽر ويڪرو هو. اندرين اڱڻ کان ڪمري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏهہ ڏاڪا ٺهيل هئا. ان جي دروازي جي ٻنهي پاسن تي ٻہ ٿنڀا ٺهيل هئا.


پوءِ هو وري انهيءَ لنگھہ وٽ آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. هو انهيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيو ۽ دروازي جي چانئٺ ماپيائين، جنهن جي ويڪر ٽي ميٽر هئي.


تنهنڪري اچو تہ مسيح بابت بنيادي ڳالهين کان اڳتي بلوغت ڏانهن وڌندا هلون. هائو، انهن بنيادي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، جهڙوڪ: موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبهہ ڪري خدا تي ايمان آڻڻ،


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ