20 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ان لنگھہ جي بہ ماپ ڪئي،
20 ۽ ٻاهرين ايوان جو دروازو، جنهن جو رخ اُتر ڏانهن هو، تنهن جي ڊيگهہ توڙي ويڪر هن ماپي.
پوءِ اهو ماڻهو مون کي ڏکڻ طرف وٺي هليو. ڇا ڏسان تہ ڏکڻ واري پاسي بہ هڪڙو لنگھہ هو. هن ان جي ماپ ڪئي تہ اها بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي.
پوءِ هو وري انهيءَ لنگھہ وٽ آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. هو انهيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيو ۽ دروازي جي چانئٺ ماپيائين، جنهن جي ويڪر ٽي ميٽر هئي.
پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي اتر پاسي واپس ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي آيو جتي هڪ عمارت ٺهيل هئي. اها عمارت هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي اتر طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي.
تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي اتر واري لنگھہ کان هيڪل جي عمارت جي اڳيان وٺي آيو. مون جيئن ئي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ خداوند جي هيڪل خداوند جي تجليءَ سان ڀري پيئي آهي. تڏهن آءٌ هڪدم منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.
پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي هيڪل ۽ ان جي قربانگاهہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.
پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون.