حزقي ايل 40:2 - Muslim Sindhi Bible2 خدا مون کي رويا ۾ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿائين. مون ڏکڻ پاسي پنهنجي اڳيان ڪجھہ عمارتون ڏٺيون جيڪي انهيءَ جبل تي هڪڙي شهر وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 خدا جي رويائن ۾ هن مون کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿو، جنهن جي ڏکڻ پاسي ڄڻ تہ هڪڙو شهر جو نمونو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.