حزقي ايل 40:17 - Muslim Sindhi Bible17 تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 تنهن کان پوءِ هن مون کي ٻاهرين ايوان ۾ آندو، ۽ اُتي ڏسان تہ ڪوٺيون آهن ۽ چوڌاري ايوان جي لاءِ فرش جڙيل آهي: انهي فرش تي ٽيهہ ڪوٺيون هيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مٿئين ٽئين طبقي وارا ڪمرا هيٺين ٻن طبقن وارن ڪمرن کان وڌيڪ سوڙها هئا، ڇاڪاڻ تہ هيٺين ۽ وچين طبقن جي ڪري مٿئين طبقي لاءِ ايتري جڳهہ ڪانہ هئي. اهو انهيءَ ڪري هو جو انهيءَ عمارت کي ٽي طبقا هئا ۽ ان کي ٿنڀا نہ هئا جيئن هيڪل جي چوديواريءَ وارين ٻين عمارتن کي هئا. انهيءَ عمارت جي اترئين پاسي تي ڪمرن جا دروازا هئا، جن جي اڳيان پنج ميٽر ويڪري ۽ پنجاهہ ميٽر ڊگھي گھٽي هئي.