Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:16 - Muslim Sindhi Bible

16 لنگھہ جي ڪمرن، هال ۽ دروازن جي سڀني اندرين ڀتين ۾ ننڍڙيون دريون لڳل هيون. دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻ جون تصويرون بہ ڇاپيل هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ ڪوٺين کي، ۽ چوڌاري دروازي جي اندران انهن جي ٿنڀن کي، ۽ ڪمانن کي بند ٿيل دريون هيون: ۽ اندر ڏانهن بہ چوڌاري دريون هيون: ۽ هرهڪ ٿنڀ تي کجيءَ جا وڻ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي اندران چوڌاري يعني مقدس جاءِ ۽ مقدس ترين جاءِ جي سڀني ڀتين تي پردار آسماني مخلوق، کجيءَ جي وڻن ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرائي ڇڏيون ويون.


زيتون جي ڪاٺ وارن ٻن تاڪن تي پڻ پردار آسماني مخلوق، کجيءَ جي وڻن ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرايون ويون ۽ مٿن سون چاڙهيو ويو. اهو سون پردار آسماني مخلوق ۽ کجيءَ جي وڻن جي مجسمن تي اهڙي نموني چاڙهيو ويو تہ جيئن اهي مجسما چٽا نظر اچن.


انهن تي پردار آسماني مخلوق، کجين جا وڻ ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرايون ويون ۽ انهيءَ اُڪر جي ڪم تي بہ سون چاڙهيو ويو. اهو سون اهڙيءَ طرح چاڙهيو ويو تہ جيئن اهي مجسما چٽا نظر اچن.


هيڪل ۾ هن سوڙهيون هوادار دريون ٺهرايون.


آمهون سامهون وارين ديوارن ۾ ٽي ٽي قطارون درين جون هيون.


هن مقدس جاءِ کي صنوبر جي تختن سان ڍڪرايو ۽ انهن تختن تي نج سون جو پٽ چاڙهايو ۽ مٿان کجين جا وڻ ۽ زنجيريون اُڪرايائين.


سچار ماڻهو کجيءَ جي وڻ جيان ڦلدار آهن. اهي لبنان واري ديال جي وڻ جيان پيا وڌندا ۽ مضبوط ٿيندا.


لنگھہ جي اندران ٻنهي پاسن ۾ پهريدارن لاءِ ٺهيل ٽن ٽن ڪمرن مان هر هڪ جي اڳيان اڌ ميٽر اوچا ۽ اڌ ميٽر ويڪرا دِڪا ٺهيل هئا.


ٻاهر کان اندر داخل ٿيڻ واري دروازي کان ويندي ٻاهرين اڱڻ تائين سڄي لنگھہ جي ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر هئي.


ان لنگھہ اندر ساڳي نموني دريون لڳل هيون. ان لنگھہ جي ماپ بہ ساڳي ئي هئي يعني ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر.


ساڳي نموني لنگھہ تائين پهچڻ لاءِ ست ڏاڪا بہ ٺهيل هئا ۽ هال بلڪل آخر ۾ هو جتان ٻاهرين اڱڻ ۾ وڃڻ جو دروازو هو. ٻين لنگھن وانگر دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ڇپيل هيون.


پهريدارن جي ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي.


پر هن لنگھہ وارو هال آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي.


اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي.


اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي ۽ اوڀر وارن لنگھن وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.


انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو.


مقدس جاءِ جي دروازي جي تاڪن تي پردار آسماني مخلوق جا مجسما ۽ کجيءَ جا وڻ سينگاريل هئا، جهڙيءَ طرح ڀتين تي ڇاپيل هئا. داخل ٿيڻ واري ڪمري جي دروازي جي ٻاهران ڪاٺ جي ڇٽي ٺهيل هئي.


انهيءَ ڪمري جي پاسن وارين ٻاهرين ڀتين ۾ دريون هيون ۽ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ڇاپيل هئن. عمارت جي پاسن وارن ڪمرن جي اڳيان بہ اهڙيءَ طرح ڇٽيون ٺهيل هيون.


پوءِ هو پاڻ بلڪل اندرين ڪمري ۾ ويو. هن انهيءَ ڪمري جي دروازي جي ماپ ڪئي، جيڪو هڪ ميٽر ٿلهو ۽ ٽي ميٽر ويڪرو هو. ان جون ڀتيون ٻنهي طرفن کان ساڍا ٽي ساڍا ٽي ميٽر ويڪريون هيون.


سو انهيءَ عمارت جي ڏکڻ پاسي هيڪل جي ڀرسان واري ڏهہ ميٽر ويڪري خالي جاءِ بہ هئي ۽ اتر پاسي ٻاهرين اڱڻ وارو فرش هو. اها عمارت ٽن طبقن تي ٺهيل هئي، جنهن جو هر هڪ طبقو هڪٻئي کان مٿي ۽ پوئتي هو.


يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت‌حسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن.


ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ