Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4-5 تنهن کان پوءِ تون پنهنجي کاٻي پاسي تي ليٽي پئج ۽ اتي ٽي سؤ نوي ڏينهن تائين بني اسرائيل جي گناهن جي سزا جي نشان طور پيو رهج. اهڙيءَ طرح تون بني اسرائيل قوم جا گناهہ ڄڻ تہ پاڻ تي کڻندين ۽ تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تنهن کانسواءِ تون پنهنجي کٻي پاسي تي ليٽ، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جو گناهہ انهي تي رک: جيترا ڏينهن تون انهي تي ليٽيو پيو هوندين، اوترا هنن جا گناهہ تون کڻندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 4:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي ٻڌي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ تون پاسو ورائي نہ سگھين، جيستائين شهر جي گھيري جا مقرر ڏينهن پورا ٿي نہ وڃن.“


”اوهان پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مخصوص جاءِ ۾ وڃي کاڌي ڇو نہ؟ جڏهن تہ اها قرباني خدا لاءِ ئي مخصوص آهي. خداوند اوهان کي ان جي ادا ڪرڻ بابت انهيءَ لاءِ فرمايو آهي تہ جيئن قوم جا گناهہ کڻي، سندس حضور ۾ اهڙيءَ طرح ڪفارو ادا ڪيو وڃي.


اهو ٻڪر سندن سڀ بدڪاريون پاڻ تي کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو. جڏهن اهو ماڻهو انهيءَ ٻڪر کي بيابان ۾ ئي ڇڏي موٽي اچي


انهن ڏينهن جي شمار مطابق جن ۾ اوهان انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيو هو، يعني چاليهن ڏينهن مان هر هڪ ڏينهن جي لاءِ هڪ سال يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندا. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ منهنجو اوهان جي خلاف ٿيڻ ڇا آهي.‘


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي.


هن اهي ڪم ڪري يسعياہ نبيءَ جي چيل قول کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ