Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 4:17 - Muslim Sindhi Bible

17 انهيءَ لاءِ تہ اهي کاڌي پيتي جا محتاج بڻجي هڪٻئي ڏانهن حيراني ۽ پريشانيءَ سان ڏسن ۽ پنهنجن گناهن جي سزا ۾ آهستي آهستي ڳرندا سڙندا وڃن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 انهي لاءِ تہ هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ لاءِ محتاج ٿين، ۽ هڪ ٻئي سان گڏ حيران ۽ پريشان رهن، ۽ پنهنجن گناهن ۾ ڳرندا سڙندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 4:17
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گھيري جي ڪري سامريہ ۾ اهڙو تہ اچي ڏڪار پيو جو هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي سڪن تي وڪامڻ لڳي ۽ ٻہ سؤ گرام ٻٻرن جا پلڙا چانديءَ جي پنجن سڪن تي وڪامڻ لڳا.


خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’ياد رکو، آءٌ يروشلم شهر تي ۽ هتي جي رهاڪن تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان. هن ڪتاب ۾ لکيل اهي سڀ لعنتون ملامتون جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيون ويون آهن سي سڀ آڻيندس.


اوهان جا پٽڪا اوهان جي مٿن تي ٻڌل هوندا ۽ اوهان جون جتيون اوهان جي پيرن ۾ هونديون. اوهين نہ روئندا، نڪي رڙندا، بلڪ اوهين پنهنجي بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ پيا ڳرندا ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاري آهون پيا ڀريندا.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم وارا شڪايت ٿا ڪن تہ ’اسان جي گناهن جي مليل سزا اسان جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. اسان کي بچي وڃڻ جي ڪا اميد نہ رهي آهي.‘


آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توري‌تڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.


اوهان منجھان جيڪي باقي بچيل هوندا سي پنهنجن دشمنن جي ملڪن ۾ پنهنجن گناهن توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري مرندا ڳرندا ويندا.


ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بي‌حال ٿي پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا، پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ