Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 4:16 - Muslim Sindhi Bible

16 خداوند مون کي انهيءَ مثال جي سمجھاڻي هيئن ڏني تہ ”اي آدمزاد! ڏس، آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن کان فاقا ڪڍائيندس. هنن وٽ ايترو تہ ٿورو کاڌو ۽ ايترو تہ ٿورو پاڻي هوندو جو اهي حيران وَ پريشان ۽ نااميد ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، ڏس، آءٌ يروشلم ۾ مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس: ۽ هو ماني تور سان ۽ ڳڻتيءَ سان کائيندا، ۽ هو پاڻي ماپ سان ۽ حيرانيءَ سان پيئندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 4:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ شهر ۾ اهڙو تہ سخت ڏڪار اچي پيو جو ماڻهن جي کائڻ لاءِ کاڌو ئي نہ رهيو، تڏهن ساڳئي سال چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي


گھيري جي ڪري سامريہ ۾ اهڙو تہ اچي ڏڪار پيو جو هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي سڪن تي وڪامڻ لڳي ۽ ٻہ سؤ گرام ٻٻرن جا پلڙا چانديءَ جي پنجن سڪن تي وڪامڻ لڳا.


پوءِ خداوند انهيءَ ملڪ تي ڏڪار نازل ڪيو هو، ۽ سڀني جي روزيءَ جو سهارو بلڪل ئي ٽوڙي ڇڏيائين.


تو پنهنجيءَ هن قوم کي سختين جو منهن ڏيکاريو آهي. تو اسان کي ڄڻ تہ اهڙي مئي پيئاري آهي جيڪا ٿاٻڙائي ٿي.


ڏسو، اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان هر اها شيءِ يا هستي هٽائي ڇڏيندو، جنهن تي ماڻهو دارومدار رکن ٿا. هو هنن جي کاڌي ۽ پاڻيءَ سان گڏوگڏ


پوءِ شهر ۾ اهڙو تہ سخت ڏڪار اچي پيو جو ماڻهن جي کائڻ لاءِ کاڌو ئي نہ رهيو، تڏهن ساڳئي سال چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي


وسنديءَ جو هر ڪو ماڻهو آهون ڀريندي کاڌي جي ڳولا ڪندو پيو وتي. اهي پنهنجيون قيمتي شيون بہ مانيءَ جي چند ٽڪرن لاءِ ڏيو ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن پنهنجي حياتي بچائي سگھن. سو يروشلم جي وسندي خداوند کي پڪاري ٿي تہ ”اي خداوند! مون تي نگاهہ ڪري ڏس تہ آءٌ ڪيتري نہ ذليل بڻجي ويئي آهيان!“


اسين پاڻي بہ ملهہ جو ٿا پيئون، ۽ ڪاٺيون بہ بها سان وٺي ٻاريون ٿا.


بيابان جي ڏڪار واري حالت ۾ رهندي اسين موت جي منهن ۾ وڃي کاڌو حاصل ڪريون ٿا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! فرض ڪر تہ ڪا قوم مون کي ڇڏي گناهہ ٿي ڪري ۽ آءٌ کين سزا ڏيندي سندن فصل تباهہ ٿو ڪريان ۽ منجھن ڏڪار ٿو موڪليان ۽ انهن جا ماڻهو توڙي جانور ماري ٿو ڇڏيان.


تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ٺيڪ آهي، آءٌ تو کي انساني گندگيءَ جي بدران ڳئونءَ جي ڇيڻن مان باهہ ٻاري انهيءَ تي پنهنجي ماني پچائڻ جي اجازت ٿو ڏيان.“


آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن جو رزق بند ڪري ڇڏيندس، سو اهي بکن وگھي پيا مرندا. اهي بک جي اهڙي تڪليف محسوس ڪندا، ڄڻڪ انهن کي ناس ڪرڻ لاءِ تکا تير هلايا ويا هجن.


آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توري‌تڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.


ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بي‌حال ٿي پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا، پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


جڏهن گھيٽڙي ٽئين مُهر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساهواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو ڪارو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار جي هٿ ۾ اناج تورڻ واري تارازي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ