Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 4:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس منهنجو روح ناپاڪ نہ ٿيو آهي: ڇالاءِ جو ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين جيڪي پاڻهي ئي ٿو مري، يا جيڪي مرن ڦاڙي ڇڏيو آهي، تنهن مان ڪڏهن بہ نہ کاڌو اٿم؛ ۽ نڪو حرام گوشت منهنجي وات ۾ پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 4:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو.


اوهين منهنجي ئي قوم آهيو، تنهنڪري جھنگلي جانورن جو ڦاڙيل گوشت نہ کائجو، بلڪ اهو ڪتن کي اڇلائي ڏجو.“


رات جو اهي غارن ۽ مقبرن ۾ وڃي مئلن جي روحن سان صلاح مشورا ٿا ڪن. اهي سوئر جو گوشت ٿا کائين، ۽ پنهنجن ٿانون ۾ اهڙو شوربو ٿا پيئن، جيڪو بتن تي قربان ڪيل ڪراهت جهڙين شين مان ٺهيل آهي.


انهيءَ ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي پاڪ صاف بڻائي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪي سوئر، ڪوئا ۽ ٻيون ڪراهت جهڙيون شيون کائين ٿا، تن سڀني کي آءٌ خداوند چٽ ڪري ڇڏيندس،


تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“


تڏهن مون عرض ڪندي چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کان اهو ڪم نہ ڪراءِ، ڇاڪاڻ تہ اڳي ئي هر ڪو شڪايت پيو ڪري تہ مون اهڙن مثالن سان کين منجھائي ڇڏيو آهي.“


تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ٺيڪ آهي، آءٌ تو کي انساني گندگيءَ جي بدران ڳئونءَ جي ڇيڻن مان باهہ ٻاري انهيءَ تي پنهنجي ماني پچائڻ جي اجازت ٿو ڏيان.“


ڪاهن اهڙي ڪنهن بہ پکيءَ يا جانور جو گوشت نہ کائيندا جيڪو پنهنجو پاڻ مري ويو هجي يا ڪنهن جانور انهيءَ کي ماريو هجي.“


هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“


دانيال پنهنجيءَ دل ۾ اهو پڪو ارادو ڪيو تہ هو شاهي خوراڪ کائڻ سان ۽ شاهي مئي پيئڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪندو. تنهنڪري هن محل جي داروغي کي عرض ڪيو تہ کيس اجازت ڏني وڃي تہ هو پاڻ کي اهڙي ناپاڪيءَ کان بچائي رکي.


بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو.


ٽئين ڏينهن انهيءَ مان ذرو بہ نہ کاڌو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو حرام آهي ۽ اها قرباني قبول نہ ڪئي ويندي.


جيڪو جانور پنهنجي موت مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جو گوشت کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.


پر پطرس چيو تہ ”اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“


جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“


”اوهين ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ